شيلي

شيلي

شيلي

شيلي: انگريزي ٻوليءَ جي مشھور ۽ ناليواري شاعر، پرسي بشي شيلي (Percy Bysshe Shelley)، انگلنڊ جي وارنهام واري علائقي ۾، 4 آگسٽ 1792ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ‘ٽيموٿي شيلي’ هو. هن جو تعلق امير گهراڻي سان هو، سندس ڏاڏي کي ‘ننڍي نواب’ (Baronet) جو اعزاز حاصل هو. شيلي ننڍي هوندي کان ئي نفيس ۽ مستقل مزاج شخصيت جو مالڪ هو. ڏهن سالن جي عمر ۾ ‘اسل ورٿ’ جي برپا ڪيل ‘سيون هائوس اڪيڊمي’ (Syon House Academy) اسڪول ۾ داخل ٿيو. اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران سندس رغبت سائنس جي مضمون ڏانهن رهي ۽ يونيورسٽيءَ تائين تجربا ڪندو رهيو. اسڪول مان جيئن ئي فارغ ٿيو تہ پاڻ ان وقت جي مشھور علمي اداري ‘ائٽن’ ۾ پڙهڻ ويٺو. نفيس مزاج هئڻ سبب ‘ائٽن’ (Eton) ۾ اڪثر گڏ پڙهندڙ ڇوڪرا کيس ٽوڪيندا هئا، جنهن تان هڪ ڀيري هن هڪ چيڙائيندڙ هم ڪلاسيءَ کي چاقو وهائي ڪڍيو. ننڍي هوندي طبيعت جي ناسازي ۽ چيڙاڪيءَ سبب سندس پيءُ کيس نفسياتي اسپتال ۾ ڇڏڻ جو ارادو ڪيو، پر هڪ دوست جي مداخلت سبب ائين نہ ٿيو. 1810ع ڌاري کيس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪاليج ۾ داخلا ملي، ان دوران هن ‘زيسٽروزي’ (Zastrozzi) عنوان سان لکيل گاٿي ناول عيوض مشهوري ماڻي. ساڳئي عرصي دوران هن پنھنجي ڀيڻ الزبيٿ سان گڏجي ‘Original Poetry by Victor and Cazire’ ڪتاب لکيو. 1811ع ۾ هن ‘ناستڪ ٿيڻ جي ضرورت’ عنوان سان هڪ چوپڙي شايع ڪئي، جنهنڪري کيس ڪاليج مان نيڪالي ڏني وئي. ان کان پوءِ پنھنجي ڪاليجي دوست ‘هاگ’ سان گڏجي هيءُ آڪسفورڊ ڇڏي لنڊن جي پولينڊ گهٽيءَ ۾ رهڻ لڳو. ان دوران بہ پيءُ سان اڻبڻت جي ڪري انتهائي غربت وارا ڏکيا ڏينهن گذاريائين. سندس ڀيڻ الزبيٿ ساڳئي اسڪول جي بورڊنگ هائوس ۾ رهندي هئي، جيڪا کيس پنھنجي ساهيڙيءَ ‘هئريٽ ويسٽ بروڪ’ (Harriet Westbrook) جي هٿان پئسا ڏياري موڪليندي هئي، جنهن تي سندس گذارو ٿيندو هو. سندس ڀيڻ جي ان ئي ساهيڙيءَ سان پوءِ هن مائٽن جي مرضيءَ بنا 28 آگسٽ 1811ع تي شادي ڪئي. شاديءَ کانپوءِ هي ٻئي لڳاتار ‘يارڪ’، ‘ڪيسوڪ’، ‘ڊبلن’ ۽ ٻين شهرن ۾ وقفي وقفي سان ترسيا. 1813ع ڌاري هن پنھنجي مشھور تصنيف Queen Mab ڇپائي. 1813ع ۾ کيس ڌيءَ جو اولاد ٿيو، ستت ئي طبيعتن جي ٽڪراءَ سبب سندس گهر واريءَ سان هن جو پيار ماٺو ٿي ويو ۽ هي ‘وليم گاڊون’ جي ڌيءَ ‘ميري ول سٽون ڪرافٽ’ (Mary Wollstone Craft) جي عشق ۾ گرفتار ٿيو. هن ان کان اڳ ‘گاڊون’ جي ڪتاب ‘Political Justice’ (1793) کي پڙهي ان کان متاثر ٿيو. هن ‘گاڊون’ جي مالي سهائتا لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سندس گهر اچڻ وڃڻ لڳو. ان واسطيداريءَ عيوض ميريءَ سان سندس گھرائپ ٿي. ان گھرائپ سندس ازدواجي زندگيءَ تي برا اثر ڇڏيا. 1814ع ۾ کيس پٽ وليم (William) ڄائو. 1815ع ۾ سندس ڏاڏي ‘سر بشي شيلي’ وفات ڪئي، جنهن کانپوءِ ڏاڏي جي ملڪيت مان پيءُ طرفان کيس هڪ هزار پائونڊ ساليانو ملندا هئا، جنهن رقم مان هن 200 پائونڊ پنھنجي گهر واريءَ ‘هئريٽ ويسٽبروڪ’ لاءِ مختص ڪيا. 1815ع ۾ هن پنھنجي آزاد نظمن جي شاهڪار تخليق Alastor لکي، جيڪا مارچ 1816ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿي، جنهن کانپوءِ هيءُ ستت ئي جنيوا ويو ۽ آگسٽ 1816ع ۾ واپس انگلنڊ آيو. ان دوران سندس پهرين گهرواريءَ نديءَ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن جي هڪ مهيني کانپوءِ هن ’ميريءَ‘ سان شادي ڪري ڇڏي. شاديءَ کانپوءِ عدالت کيس اڳين گهرواريءَ مان ٿيل ٻارن جي نگهباني ڪرڻ جي پابندي وجهي ڇڏي، جنهن سندس طبيعت تي گهرو اثر ڪيو. 1817ع ۾ ٽيمس نديءَ جي ڪپ تي گهر وٺي رهڻ لڳو ۽ اتي ئي ‘Rosa lind’ ۽ ‘Helen’ جھڙا شاهڪار نظم سرجيائين. هن پنھنجي لکڻي Revolt of Islam پڻ اتي ئي مڪمل ڪئي. 1818ع ۾ هي انگلنڊ کي خيرباد چئي اٽليءَ روانو ٿيو. اٽليءَ ۾ هن ‘Prometheus Unbound’ 1819ع ۾ تخليق ڪئي. اتي هن پنهنجا گيت ڳائڻ بہ شروع ڪيا، جنهنڪري گائڪ شاعر طور ڪافي مشھور ٿيو. 1821ع ۾ جنگ آزاديءَ کان متاثر ٿي هن Hellas عنوان سان پنهنجو آخري نظميه ڊرامو لکيو. 1822ع ۾ ‘پيزپا’ جي اپسمنڊ تي گهر وٺي اچي رهڻ لڳو. 8 جولاءِ 1822ع تي هي پنھنجي دوست ’لِي هنٽ‘ سان ملڻ جي لاءِ ‘ليوورنو’ (Livorno) ويو. واپسيءَ تي سامونڊي طوفان جي چتاءَ ملڻ باوجود شيلي واپس ‘پيزيا’ ڏانهن روانو ٿيو، جتي سامونڊي طوفان سبب سندس موت واقع ٿيو. سندس لاش ڏهن ڏينهن کانپوءِ مليو، سندس لاش کي ‘واياريگ’ سمنڊ ڪناري تي سندس دوستن ۽ ڀائرن چکيا ٺاهي آخري رسمون ادا ڪيون. سندس ڪوٽ جي ٻنهي کيسن مان ‘سوفو ڪليس’ جو هڪ جلد ۽ ‘ڪيٽس’ جو ٻيڻو ٽيڻو ٿيل نظمن جو ڪتاب مليو. شيلي جي قبر روم شھر ۾ آهي، جتي سندس رک کي دفنايو ويو. هن جا ڪيترائي نظم ۽ مجموعا اڄ بہ انگريزي ادب ۾ بين الاقوامي سطح تي مشھور ۽ عظيم تخليق طور مڃيا وڃن ٿا، جن ۾ هيٺيان شامل آهن: 1. The Necessity of Atheism (1811) 2. The Assassins (1814) 3. The History of a Six Weeks’ Tour (1817) 4. An Address to the People on the Death of Prince Charlotte (1817) 5. Julian and Maddalo (1818) 6. The Masque of Anarchy (1819) 7. Men of England (1819) 8. The Ode to the West Wind (1820) 9. To Liberty (1820) 10. To Naples (1820) 11. The Letter to Maria Gisborne (1820) 12. The Witch of Atlas (1820) 13. A philosophical view of Reform (1820) 14. Essay on the Devil (1821) 15. The Defence of Poetry (1821) 16. Swellfoot the Tyrant (1820) 17. Adonais (1821) 18. Epipsychidion (1821) سندس ادبي خطن تي مشتمل ڪتاب جا ٻہ ڇاپا 1964ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. شيلي بابت سنڌي ۾ پڻ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيل آهن، سندس شاعريءَ کي شيخ اياز ۽ ٻين جي شاعريءَ سان ڀيٽو ويو آهي.


لفظ شيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1792.08.04  عيسوي

انگريزي ٻوليءَ جي مشهور ۽ ناليواري شاعر، پرسي بشي شيلي (Percy Bysshe Shelley)، انگلنڊ جي وارنهام واري علائقي ۾، 4 آگسٽ 1792ع تي جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليفو غلام ﷲ
علي گل سانگي
بدر شاھہ
بھرو ڇاٻڙيا بيوطن
بسنت ڪمار تياڳي
ڏکايل غلام حيدر ڪلهوڙو
خواجہ غلام فريد
سڳن آهوجا
عبد سنڌي
صبا اڪبر آبادي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون