شينا 2

شينا 2

شينا 2

شينا/ Shina (ٻولي): هيءَ داردي ٻولي آهي، جيڪا عربي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي، هيءَ گلگت بلتستان جي 40 سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي آهي. پاڪستان ۾ داردستان سميت ڪشن گنگا واديءَ جي اتر طرف چلاس ۾، گلگت ريجن ۽ چترال جي اتر-اوڀر ۾ مکيہ وادين ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هيٺين چترال، وادي پونيال جي وسندين اٿڪومن ۽ ياسين سميت هنزه ننگر وادين، سنڌو ڪوهستان، سوات ڪوهستان، ديريل وادي، اتانگير وادي، ديامير وادي ڪشمير، ايستور وادي سان گڏوگڏ رونڊو کان ٿيندي سنڌو، اتان سنڌوءَ جي ڏکڻ واري ڦيري کان سنڌو ڪوهستان، هماليہ جبل جي قطارن جي ڏکڻ طرف پلاس (Palas) ۽ جلڪوٽ ۾ هن ٻوليءَ جو مادري ٻوليءَ طور واهپو آهي. هيءَ ٻولي هند-آريائي، هند-ايراني ۽ ڪوهستاني ٻولين جي خاندان مان آهي. شينا ٻولي ڳالهائيندڙ مکيہ چار قبيلا: شين (Shin)، يشڪونه (Yashkona)، ڪمين (Kamin) ۽ ڊوم (Dome) آهن. هنن مان شين قبيلو معتبر ۽ مٿيرو سمجهيو وڃي ٿو. شينا زبان لاءِ مجموعي طور هيئن بہ چئي سگهجي ٿو تہ هن ٻوليءَ جو گهر بالاڪوٽ کان ويندي چلاس ۽ اتان هيٺ ڏکڻ طرف ياغستان جي اتر ۾ سنڌو درياھہ جا ٻئي ڪنارا آهن. ڪشميري ٻوليءَ ۾ برف کي شين چوندا آهن،
شينا ٻولي، پلولا (Palula) زبان سان گهڻو ميل کائي ٿي. اڳ ۾ هيءَ سرادا لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي، پر هينئر عربي فارسي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. 2010ع جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ هن ٻوليءَ جا هڪ لک ۽ هندستان ۾ 2100 ڳالهائڻ وارا موجود آهن، جڏهن تہ بي. بي. سي اردو جي هڪ رپورٽ موجب هن ٻوليءَ جا ڳالهائڻ وارا 528000 گلگت، اسڪردو، ديامير، چلاس وغيرہ ۾ موجود آهن ۽ هيءَ ٻولي ريڊيو پاڪستان جي مختلف پروگرامن ۾ نشر ٿيندي رهي ٿي. شينا ٻوليءَ جا گلگتي، ايستوري، چلاسي، ڪوهستاني، دراسي، جلڪوٽي، گريزي، ڪولائي ۽ پلاسي لهجا مختلف علائقن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو