
شيکلو
شيکلو (Mast): هيءُ ٻيڙي ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ اوزار آهي، جيڪو ٻيڙي جي وچ ۾ ڪاٺ جو ڊگهو بمبو/ لڪڙو خاص ڪري وڏي ٻيڙيءَ جي کوهي طور ٻين اوزارن سان گڏ نصب ڪيو وڃي ٿو. هن جي استعمال جو مقصد سڙھہ ٻڌڻ، ڳرو بار کڻڻ، جديد زماني ۾ ريڊيائي اشارن جي حصول لاءِ سامونڊي حالتن جو جائزو وٺڻ، اشارتي لوڙهو/ پڙ، اشارتي بتيءَ لاءِ مخصوص جاءِ، ٻيڙي کي تيز هوائن، طوفان ۽ لهرن کان قابو ۾ رکڻ ۽ ٻيڙي جي رفتار وڌائڻ آهي. وڏن ٻيڙن ۾ شيکلن جو تعداد ٻه، ٽي يا ان کان بہ وڌيڪ ٿئي ٿو. شيکلي جي تعداد جو دارومدار ٻيڙيءَ جي قسم، ڊيگهہ ۽ بناوت تي ٿئي ٿو.
اڻويهين صديءَ جي اڌ تائين شيکلو، وڻن جي ڪاٺ جي ڪجهہ ٽڪڙن بالخصوص صنوبر (وڻ) جي هڪ يا وڌيڪ ٿڙن کي ڳنڍي ٺاهيو ويندو هو، جنهن جو آغاز 16هين صديءَ کان ٿيو. ابتدا ۾ اهي محض هڪ ئي حصي جي صورت تيار ڪيا ويا، پر بعد ۾ ٻيڙن جي جديد بناوت سبب شيکلي جي ڊيگهہ ۽ ويڪر ۾ بہ اضافي جي ضرورت محسوس ٿي، جنهنڪري گهربل اوچائي ۽ مضبوطيءَ کي نظر ۾ رکندي شيکلي کي چئن حصن جھڙوڪ: ٻيڙيءَ سان لڳل هيٺيون حصو
(Lower)، چوٽي (Top)، مٿيون ٿنڀ (Top Gallant) ۽ جھاز جو سڀ کان بلند کوهو (Royal Masts) ۾ تيار ڪيو ويو. شيکلي جي هيٺئين حصي کي خاطر خواھہ ٿولھہ ڏئي ڪاٺ جي ٽڪڙن کي ملائي هڪ مڪمل ڍانچي جي صورت ۾ آندو ويو، جيڪو اڄ تائين ڪاٺ جي وڏن ٻيڙن ۾ استعمال ٿئي ٿو. موجودہ وقت ۾ ڪجهہ ٻيڙن اندر ڪاٺ بجاءِ لوهي پائيپن سان ٺهيل شيکلا پڻ نصب ڪيا وڃن ٿا.
شيکلي بابت الھہ نواز رڪڻائيءَ پنھنجي ڪتاب ‘سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو’ ۾ لکيو آهي ته، “ننڍيون وڏيون ٻيڙيون سڙھہ تي هلنديون آهن. سڙھہ، آڏ يا آلات ۾ ٻڌبو آهي ۽ آلات، شيکلي تي بيهاري وڃي ٿي. شيکلو، شاکي اڏيءَ کان اڳيان ٿئي ٿو، جنهن ۾ دڏ نڪتل هوندي آهي، يعني شيکلي جي هيٺئين حصي جي ٿولھہ جيتري گولائيءَ سان دڏ ٺهيل هجي ٿي، جنهن ۾ شيکلو بيهاربو آهي.”