شِلي بٺي (ماڳ): تعلقي ٿاڻي بولا خان جي ديھہ ريڪ، تپي مول ۾ هڪ ننڍو ڪوٽيرو ڳوٺ فيضو باريجي جي ڀرسان آهي. هي ننڍڙي اڏاوت آهي، جنهن کي ‘سند’ بہ چوندا آهن. هن اڏاوت کي اتر ۾ لنگهہ آهي. هيءُ ماڳ چورس رٿا ۾ 9.3X59.35 (ڊيگهہ ويڪر) ميٽرن جو آهي. هن جون ديوارون ڏيڍ ميٽر کان ٻہ ميٽر اُوچيون آهن. هن ڪوٽيري سان لڳ ئي اوائلي پاهڻي زماني جي ماڳ، شلي ڍوري سان لڳ هڪ بٺي آهي، جنهن تي چقمقي پٿرن جا گهڙيل ٽُڪرا جهجهي انداز ۾ پيل آهن. هن بٺيءَ جي اوڀر واري لاهيءَ تي 125 ميٽرن جي پکيڙ ۾ چقمقي پٿرن جا گهڙيل ٽڪر هتان جي قديم شڪاري دور جي ماڻهن جي سرگرمي ڏيکارين ٿا. شلي بٺيءَ جي پاڙ ۾ اوڀر طرف پٿرن جي اڪير واريون قبرون آهن. هن مقام کي ‘عاقلاڻي’ مقام ڪري سڏين ٿا.