شڌ ڪلياڻ

شڌ ڪلياڻ (راڳ): هيءُ ڪلياڻ ٺاٺ جو هڪ راڳ آهي، جيڪو اوڍو سمپورن راڳ يعني پنجن ۽ ستن سرن جو راڳ آهي. هن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سموادي سر پنچم (پا) آهي. هي راڳ بلمپت لئہ ۾ ڳائڻ گهرجي. جيڪڏهن هن راڳ ۾ رکب کي وادي ڪري ڳائبو تہ هن راڳ کي ايمن کان اڳ ۾ آلاپڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن گنڌار کي وادي ڪري ڳائجي تہ ايمن کانپوءِ ڳائڻ گهرجي. ڀوپالي ڪلياڻ ۽ شڌ ڪلياڻ ۾ پنڊت اهڙيءَ ريت فرق بيان ڪن ٿا تہ ڀوپاليءَ ۾ ٻہ سر مڌم (ما) ۽ نکاد (ني) جا سر ورج آهن. تنهنڪري شڌ ڪلياڻ ڀوپالي ڪلياڻ کان بہ الڳ ٿي بيهي ٿو. هن راڳ تي بہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي سرن جو اثر ملي ٿو. هن راڳ ۾ گنڌار ڪمزور ڪري لڳائبو آهي.
راڳ شڌ ڪلياڻ جي ڪلاسيڪل شڪل (صورت):
آروهي: سا-ري-گي-پا-ڌي-سا
آمروهي: سا-ني-ڌي-پا-مي-گي-ري-سا
راڳ سڌ ڪلياڻ جو ڪلاسيڪل چالو:
گي-ري-سا-سا-ري-سا-ري-سا-گي-ري-گي-ري-سا
سا-ري-سا-ني-ڌي-پا-سا-گي-ري-گي-ري-سا
سا-ري-گي-پا-گي-پا-گي-ري-سا-گي-ري-پا-گي-ري-گي-پا-ري-گي-ري-سا
پا-گي-ري-گي-ري-سا-ڌي-ري-سا-ڌي-پا-سا-ڌي-سا-گي-گي-ري-سا-ري-گي-ري-سا
پا-پا-سا-ڌي-سا-سا-ري-سا-سا-ري-ري-ري-گي-ري-ڌي-ري-سا-ڌي-پاگي-ري-پا-ري-سا
گي-پا-سا-سا-ري-گي-ري-سا-ري-ري-سا-ني-ڌي-ني-ڌي-پا-گي-گي-پا-ڌي-ري-سا-ني-ڌي-پا-پا-گي-سا-ري-گي-پا-سا-ڌي-ري-ري-سا-گي-ري-پا-گي-پا-سا-ڌي-پا-گي-پا-گي-ري-سا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو