شکر تال: هن تال بابت هندستاني راڳ جي پنڊت ڀاتکنڊي لکيو آهي ته، هي 17 ماترائن جو چئن ضربن سان تال آهي. شکر تال ۾ پهرين ضرب ۾ 7 ماترائون، ٻي ضرب ۾ 5 ماترائون جڏهن ته ٽين ضرب ۾ 2 ۽ چوٿين ضرب ۾ ٽي ماترائون آهن. شکر تال جو پهريون ماترو سم، جڏهن ته 8، 12 ۽ 15 ماترو تالي آهي. خالي جي جاءِ ڪا نه اٿس. ٺيڪو هي آهي: <1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 ڌا- آ- ت- ر- ڪ- ٽ- ڌو/ مَ- ت- ر- ڪ- ٽ/ ت- ڪ/ ت- ڪ- ٽ 2 3 4 پروفيسر سڌير ڪمار ورما هن تال کي 17 ماترائن جو تال سڏيندي، ان کي ٽن ضربن ۾ ورهايو آهي. پهرين ۽ ٽين ضرب ۾ ڇهه ڇهه ماترائون، جڏهن ته ٻين ضرب ۾ 5 ماترائون ڄاڻايون آهن. ياد رهي ته ضرب جي ڪري تال جو چالو تبديل ٿئي ٿو، نه ته سترنهن ماترائن جا تال ٻيا به آهن. اهڙي ريت ورما صاحب موجب پهريون ماترو سم جڏهن ته 7، 11، 15 ماترو تالي آهي، جڏهن ته 4 ۽ 10 ماترو خالي آهي. انهن خالي جاين ۽ ضربن سبب شکر تال جو چالو مختلف ٿيندو.