شڪاري نسل

شڪاري نسل: هيءُ سنڌ ۽ هند ۾ رهندڙ اهو نسل آهي، جنهن ۾ هندو توڙي مسلمان ٻئي شامل آهن. هنن کي مردہ خور بہ چيو وڃي ٿو. هي جابلو، ريگستاني ۽ جهنگلي علائقن ۾ رهن ٿا. هندن ۾ اڇوت سڏيا وڃن ٿا ۽ مسلمانن ۾ هنن کي شڪاري سڏيو وڃي ٿو. هي شڪل ۾ ڪوجها، ڪارا ۽ سڪل منهن وارا هوندا آهن. شڪارين جو وڏو تعداد راجپوتانا ۾ ملي ٿو. پکين ۽ جانورن کي ڦاسائي شهرن ڏانهن وڪرو ڪندا آهن، شڪار جو خاص هنر هنن کي اچي ٿو. جهنگلي جانور جي پير سڃاڻڻ ۾ وڏي مهارت رکن ٿا. جهنگ ۾ وڏيرا، زميندار، امير ۽ وزير شڪار سانگي ايندا آهن تہ هي ساڻن گڏ رهندا آهن، کين رستن، گهٽين ۽ پيچرن کان آگاهي ڏيندا رهندا آهن ۽ کين شڪار جو ڏس ڏيندا آهن تہ ڪهڙو شڪار ڪٿي آهي. جڏهن شڪار ٿي ويندو آهي، تڏهن انهيءَ شڪار کي پنھنجي خاندان ۾ کڻي ويندا آهن، مئل جانور بہ مزي سان کائي ويندا آهن، جانور جي حلال يا حرام جي هنن وٽ ڪائي اهميت ناهي هوندي. ايس.ايم چنا جي لکڻ موجب هيءُ قبيلو بھاولپور جي علائقي صادق آباد ڪارداري ۾ آباد آهي. هن قبيلي جا ماڻهو نالي ۾ مسلمان آهن، پر مذهبي اصولن کان اڻڄاڻائيءَ سبب هر قسم جو حرام گوشت وغيرہ کائين ٿا. هي ننڍين جهوپڙين ۾ قبيلن جي صورت ۾ رهن ٿا ۽ سندن گذر سفر شڪار، محنت مزدوري ۽ مندائتي فصل جي پوک وغيرہ تي هوندو آهي. خير محمد ٻرڙو هن ذات لاءِ لکي ٿو ته، “هي حرام کائيندڙ ٻاليشاهي، هڏواڙ، گاگڙا، گرگلا، جهٻير، چهڙا، باگڙي ۽ گيدڙي وغيرہ قوم جا ماڻهو آهن، جيڪي حرام جانور شڪار ڪري کائين ٿا. هي گهڻو ڪري خانہ بدوش آهن.”


هن صفحي کي شيئر ڪريو