شڪاري نسل: هيءُ سنڌ ۽ هند ۾ رهندڙ اهو نسل آهي، جنهن ۾ هندو توڙي مسلمان ٻئي شامل آهن. هنن کي مرده خور به چيو وڃي ٿو. هي جابلو، ريگستاني ۽ جھنگلي علائقن ۾ رهن ٿا. هندن ۾ اڇوت سڏيا وڃن ٿا ۽ مسلمانن ۾ هنن کي شڪاري سڏيو وڃي ٿو. هي شڪل ۾ ڪوجھا، ڪارا ۽ سڪل منهن وارا هوندا آهن. شڪارين جو وڏو تعداد راجپوتانا ۾ ملي ٿو. پکين ۽ جانورن کي ڦاسائي شهرن ڏانهن وڪرو ڪندا آهن، شڪار جو خاص هنر هنن کي اچي ٿو. جھنگلي جانور جي پير سڃاڻڻ ۾ وڏي مهارت رکن ٿا. جھنگ ۾ وڏيرا، زميندار، امير ۽ وزير شڪار سانگي ايندا آهن ته هي ساڻن گڏ رهندا آهن، کين رستن، گھٽين ۽ پيچرن کان آگاهي ڏيندا رهندا آهن ۽ کين شڪار جو ڏس ڏيندا آهن ته ڪهڙو شڪار ڪٿي آهي. جڏهن شڪار ٿي ويندو آهي، تڏهن انهيءَ شڪار کي پنهنجي خاندان ۾ کڻي ويندا آهن، مئل جانور به مزي سان کائي ويندا آهن، جانور جي حلال يا حرام جي هنن وٽ ڪائي اهميت ناهي هوندي. ايس.ايم چنا جي لکڻ موجب هيءُ قبيلو بهاولپور جي علائقي صادق آباد ڪارداري ۾ آباد آهي. هن قبيلي جا ماڻهو نالي ۾ مسلمان آهن، پر مذهبي اصولن کان اڻڄاڻائيءَ سبب هر قسم جو حرام گوشت وغيره کائين ٿا. هي ننڍين جهوپڙين ۾ قبيلن جي صورت ۾ رهن ٿا ۽ سندن گذر سفر شڪار، محنت مزدوري ۽ مندائتي فصل جي پوک وغيره تي هوندو آهي. خير محمد ٻرڙو هن ذات لاءِ لکي ٿو ته، “هي حرام کائيندڙ ٻاليشاهي، هڏواڙ، گاگڙا، گرگلا، جهٻير، چهڙا، باگڙي ۽ گيدڙي وغيره قوم جا ماڻهو آهن، جيڪي حرام جانور شڪار ڪري کائين ٿا. هي گهڻو ڪري خانه بدوش آهن.”