شڪارپور پنهواري

شڪارپور پنهواري: هيءَ وسندي دادوءَ کان ڏکڻ طرف ستن ميلن جي فاصلي تي شڪارپور پنهواريءَ جي نالي سان مشھور هئي. جڏهن مغل شاهي درٻار مان ميدان يار محمد خان ڪلهوڙي کي ‘خدا يار خان’ جو خطاب ڏئي سنڌ جي حڪومت جو پروانو ڏنو ويو. تڏهن هن انهي خوشحال وسنديءَ شڪارپور پنهواري کي پنهورن جي قبضي مان ڇڏائي، نئين سر آباد ڪري ‘خداآباد’ جو نالو ڏئي، ان کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. ڪلهوڙا دور ۾ هن شھر جي رونق، آرائش ۽ سونهن ۾ بہ اضافو ٿيندو رهيو. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي دؤر تائين خداآباد شھر جي حيثيت رونق ۽ آرائش عروج تي رهي، پر جڏهن ميان غلام شاھہ تخت حيدرآباد منتقل ڪيو تہ هي شھر پستيءَ ڏانهن وڌڻ لڳو. غلام رسول مھر ‘تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر’ (جلد ٻيو) ۾ لکي ٿو ته، “ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ خداآباد واري جاءِ تي جيڪا پهرين وسندي هئي، تنهن کي عام طور تي ‘شڪارپور پنهواري’ چيو ويندو هو.” (وڌيڪ ڏسو: جلد چوٿون، خدا آباد، ص 465-468)


لفظ شڪارپور پنهواريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو