شڪارپور2 ماڳ
شڪارپور (ڀارت ۾ سنڌو تهذيب جو ماڳ): ضلعي ڪڇ گجرات (هندستان) ۾ سنڌو تهذيب جو هڪ ماڳ شڪارپور جي نالي سان 23014'15" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 70040'39" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي شڪارپور جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ موجود آهي. هي ماڳ والميو ٽمبو (Valmio Timpo) جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. هن ماڳ جي ڪل پکيڙ 11 ايڪڙ جڏهن ته اوچائي 25 فوٽ آهي. 1987ع کان وٺي 2013ع تائين هن ماڳ جون مختلف وقتن تي 6 کوٽايون ٿي چڪيون آهن. هي ماڳ رڻ ڪڇ جي اڀرندي ڪناري تي شڪارپور کان 4.5 ڪلوميٽر پري آهي. اهي کوٽايون گجرات اسٽيٽ جي ‘آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ’ طرفان مهاراجا سياجي راؤ يونيورسٽي بڙودا طرفان ڪيون ويون آهن. کوٽاين دوران سنڌو تهذيب جا ڪيترائي قديم آثار ۽ نوادرات مليا آهن، جن ۾ قلعي بند شهر، جنهن جو اندريون حصو لڳ ڀڳ هڪ هيڪٽر تي ڦهليل آهي. هن ماڳ جي پراڻين کوٽاين مان ثقافتي درجيبندي ۽ پيشيوراڻي هنرن بابت ڪافي معلومات ميسر ٿي آهي. موجوده وقت ۾ ٿيندڙ کوٽاين جو مکيه مرڪز ٻاهرين طرف کان قلعي بندي جي حفاظتي ڀت جي دور ۽ بناوٽ جو پتو لڳائڻ آهي. هن ماڳ جي ڏاکڻين ڪنڌيءَ تي 5x5 ميٽر جون 5 اونهيون کڏون کوٽي نوادرات هٿ ڪيا ويا آهن.
هتان ڏکڻ طرف مليل قلعي جي ٻاهرين ديوار 65 ميٽر آهي. ڀت جي اونهائي لڳ ڀڳ 4.50 ميٽر آهي. موجوده وقت ۾ انهيءَ ديوار جي اوچائي/ڊگهي 2.40 ميٽر آهي، جنهن مان 20 کان 30 سينٽي ميٽر مٽيءَ اندر ٿلهي لڪل آهن. اها ديوار مجموعي طور هلڪي ۽ گهري سليٽي رنگ جي مٽيءَ واري سرن سان اڏيل آهي. ان ديوار جي مٿين ويڪرائي 2.90 ميٽر بيهي ٿي، جڏهن ته ديوار جي هيٺين ويڪرائي 4.00 ميٽر آهي. مٽيءَ جي سرن ۽ پٿر جي وڏن ٽڪرن سان تعمير ٿيل ان ماڳ جي باقيات مان اندازو ٿئي ٿو ته ان ماڳ جو تعلق سنڌو تهذيب جي اوج واري دور سان آهي. هن ماڳ تي ڪچين سرن سان ٺهيل گهرن جا نشان ملن ٿا، جيڪي ٻاهرين حفاظتي ديوار سان ڳنڍيل آهن. ٻئي دور ۾ ننڍڙن پٿرن (روڙي) سان تعمير ڪيل گهر، پهرئين دور جي سرن واري بناوٽ جي مٿان ئي ٺهيل آهي، جنهن ڪري پهرئين ۽ ٻئي دور جي تعمير جو جزوي اثر هڪٻئي تي ڇانيل نظر اچي ٿو. هن ماڳ ۽ ان جي ڀرپاسي مان جيڪو به ٺڪراٺو مليو آهي، ان جو تعلق پڪي هڙاپائي دور سان آهي. انهن ۾ چٽسالي وارا ٿانو، ٻن ڌار وارا ڌاتو (بليڊ)، مڻيا، عاج جون چوڙيون، مٽيءَ ۽ عاج جا رانديڪا، سنگ صابڻ ۽ مٽي جي چوڙين جا ڀڳل ٽڪرا شامل آهن.
ان کان سواءِ ديوار تي ٻن سرن جي وچ ۾ نصب ٿيل هڪ مهر پڻ هٿ آئي آهي، جيڪا تمام اهم نوادرات ۾ شامل ڪئي وئي آهي. جيڪا ڀڳل حالت ۾ ملي آهي. جيتوڻيڪ اڳ ۾ ڪيل کوٽاين دوران رانديڪن تي مهرن جا ڪجهه نشان مليا هئا، پر تازو ڪيل کوٽائيءَ دوران چوڪنڊي شڪل ۾ هڪ جدا مهر ملي آهي، جنهن تي هڪ سڱي جانور (گينڊي) جي تصوير ٺهيل آهي ۽ مٿان هڙاپائي لکت جا پنج علامتي نشان اُڪريل آهن. مهر جي کاٻي پاسي جو هڪ ننڍو ٽڪرو ڪنهن سبب جي ڪري ڀڄي پيو، جيڪو اڃا نه ملي سگهيو آهي. انهيءَ کانسواءِ مڻين، عاج ۽ ٺڪر جون چوڙيون، ٺڪر جي بيل گاڏي، ٽامي جي کرپي، چاقو ۽ ڏڦي جو مٿو ۽ مجسما مليا آهن. مجسمن ۾ مرد جو ڀڳل مجسمو به مليو آهي جنهن جون ٻانهون ۽ مٿيون حصو ڀڳل آهي، جڏهن ته مجسمو ٺڪر مان ٺاهيو ويو آهي. ٺڪراٺو عام جام آهي، جيڪو سنڌو تهذيب جي پڪي دور (Mature Harappan) سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. ٿانون ۾ ننڍڙا پاٽوڙا، ڳنايون ٿالهيون ۽ پيالا وغيره سنڌو تهذيب جي ٿانون جهڙا آهن. هي ماڳ 2500 ق.م کان 1800 ق.م تائين وسيل هو.
هڙاپا تهذيب جي هن ماڳ تي وسڪنسن يونيورسٽيءَ طرفان ‘آرڪيالاجيڪل ريسرچ ائنڊ ڪنزرويشن پروگرام: انڊيا، پاڪستان’ (ARCP) جي منظور ڪيل رٿا موجب کوٽائي هلي رهي آهي، جنهن جي مالي سهائتا آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ گجرات ۽ ايم. ايس يونيورسٽي بڙودا ڪري رهيا آهن.