شڪرالله شيرازي ٺٽوي

شڪرالله شيرازي ٺٽوي : سيد شڪرالله جا وڏا هڪ وقت شيراز مان نقل مڪاني ڪري هرات ۾ اچي رهيا هئا. هو 906 ھہ/1500ع ۾ هرات مان لڏي قنڌار ۾ اچي مقيم ٿيو. علمي خاندان هئڻ سبب هو مختلف علمن جو ڄاڻو ۽ وڏي مرتبي وارو هو. مرزا شاھہ بيگ ارغون انهيءَ زماني ۾ قنڌار جو حاڪم هو ۽ هنن جا پاڻ ۾ گهاٽا لاڳاپا هئا. مرزا شاھہ بيگ جڏهن قنڌار ڇڏي، سنڌ تي ڪاهيو تہ سيد صاحب کي گذارش ڪيائين تہ هو ٺٽي ۾ هلي رهي، اهڙي طرح 927 ھہ/1520ع ۾ هي بزرگ ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيو. سنڌ جي فتح کان پوءِ شاھہ بيگ ارغون ستت ئي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس پٽ مرزا شاھہ حسن سيد صاحب کي ٺٽي جو قاضي مقرر ڪيو. هن شرعي فيصلن ۾ نالو ڪڍيو. مرزا شاھہ حسن قاضي شڪرالله جي انصاف پروريءَ جي شھرت ٻڌي، هڪ ڀيرو سندس امتحان وٺڻ گهريو. ٺٽي ۾ ٻاهريان ڪي گهوڙن جا واپاري آيل هئا، جن کان بادشاھہ ڪي گهوڙا خريد ڪري ڄاڻي ٻجهي کين قيمت ادا ڪرڻ کان نٽ نٽاءُ ڪيو. واپاري بادشاھہ کان نا اُميد ٿي، شريعت جي عدالت ڏانهن رجوع ٿيا. دستور موجب قاضيءَ بادشاھہ کي شرعي عدالت ۾ حاضر ٿيڻ جو اطلاع موڪليو. مرزا شاھہ حسن هڪدم اچي حاضر ٿيو. ان وقت ۾ دستور هو تہ مدعي ۽ مدعا عليھہ قاضيءَ جي سامهون برابر هڪ درجي ۾ بيهاريا ويندا هئا، تنهنڪري قاضي حڪم ڪيو تہ بادشاھہ مدعيءَ کان هڪ قدم بہ مٿي نہ بيهي ۽ نہ وري اڳڀرو ٿي بيهي. بادشاھہ شرعي عدالت ۾ حاضر ٿي قاضي صاحب جي انصاف جو امتحان وٺڻ ٿي گهريو، سو ٿي چڪو ۽ بادشاھہ جي ڪابہ رعايت ڪانہ ڪئي ويئي. جنهن کان پوءِ بادشاھہ مدعي کي ڪجهہ روپيا ڏيئي، جهٽ پٽ راضي ڪري ورتو. جڏهن مقدمو پورو ٿيو، تڏهن قاضي صاحب اُتي دستور موجب بادشاھہ جو احترام بجا آندو ۽ سندس درجي جي مناسب هنڌ تي کيس ويهاريو ۽ پاڻ ۾ دوستانه صحبت ڪئي. ڳالهيون ڪندي بادشاھہ کيس چيو تہ هي خنجر ڏسين ٿو، اهو ان ڪري ڪمر سان ٻڌي آيو هوس تہ جيڪڏهن اوهان هن مقدمي ۾ شرعي قانون جي عزت نہ رکو ها ۽ بادشاھہ سان رعايت ڪريو ها تہ اوهان تي تعزير جو حڪم ڪڍان ها. جيڪڏهن ڪورٽ جا پٽيوالا اوهان جي علميت ۽ بزرگي سبب اوهان جي ويجهو نہ اچن ها تہ آءُ پنھنجي سر هن خنجر سان اوهان کي ادب سيکاريان ها! جنهن تي قاضي شڪرالله پنھنجي گاديلي هيٺان اگهاڙي تلوار ڪڍي، بادشاھہ کي ڏيکاريندي چيو تہ آءُ بہ اڄ سنبري ويٺو هوس تہ اوهان جيڪڏهن شريعت جو پورو ادب بجا نہ آندو ۽ ٻيو ڪوبه ماڻهو اوهان جي سامهون نہ بيهي سگهيو تہ پوءِ هن تلوار سان اوهان کي شريعت جي سياست جو مزو چکايان ها! بادشاھہ جي انهيءَ امتحاني صحبت کان پوءِ ٿوري وقت اندر قاضي شڪرالله قضا جي عهدي تان استعفا ڏئي، بادشاھہ کي چيو تہ آءُ هڪ انسان آهيان، مون کان شرعي معاملن ۾ ممڪن آهي تہ غلطيون ٿينديون هجن، تنهنڪري انهيءَ ڳري بار کڻڻ جي هاڻي طاقت نہ رهي اٿم. آخر بادشاھہ سندس استعيفا قبول ڪئي. قاضي صاحب بادشاھہ کي ٻڌايو تہ هن عهدي لاءِ ٺٽي جو مشھور عالم قاضي محمد آچر بهتر آهي. ان کان پوءِ قاضي محمد آچر کي انهيءَ عهدي تي مقرر ڪيو ويو. قاضي شڪرالله جنهن محلي ۾ اچي مقيم ٿيو، اُتي انصاري خاندان جا بزرگ رهندا هئا ۽ سندس شادي بہ انهن مان ٿي. سندس فرزند مشھور عالم ۽ فاضل زاهد سيد ظھيرالدين نالي انهيءَ انصارڻ بيبيءَ مان پئدا ٿيو، جنهن جو اولاد اڄ تائين ٺٽي ۾ شڪرالاهي سيدن جي نسبت سان مشھور آهي. سيد شڪرالاهيءَ سان گڏ ٻيا بہ ٽي دوست عالم۽ اولياءِ اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيا هئا. (1) سيد ڪمال، (2) سيد منڀو ۽ (3) سيد عبدالله. انهن ٽنهي بزرگن جا مقبرا اڄ تائين ٺٽي ۾ مشھور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو