شڪسته حال شهزاديون

شڪسته حال شهزاديون

شڪستہ حال شهزاديون

شڪستہ حال شهزاديون (ڪتاب): قصي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ احمد خان آصف آهي. ديباچي ۾ ليکڪ لکي ٿو تہ: 1857ع واري بلوي وقت هندستان جي حڪمران طبقي يعني مغل خاندان تي انگريزن ۽ انهن جي ڇاڙتن جيڪي ستم ۽ ظلم نازل ڪيا، سي جيڪڏهن ذري پرزي بيان ڪجن تہ هڪ وڏو درد ڀريل دفتر بڻجي پوندو. اسان هن ڪتابڙي ۾ انهن چند شهزادين جو احوال پيش ڪيون ٿا، جن دهليءَ ڀرسان هر سال ٻيلي ۾ لڳندڙ ميلي ۾ ان وقت جي عوام وٽ بذات خود پيش ڪيو هو. انهن شڪستہ حال شهزادين جا احوال نہ رڳو درد انگريز آهن، پر عبرت آميز بہ آهن.
35 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي آر ايڇ احمد اينڊ بردارس حيدرآباد 1958ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت 12 آنا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو