شڪستہ خط: خطاطيءَ جو فن تمام قديم آهي ۽ هن جا گهڻائي نمونا آهن، پر سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ صرف نستعليق هو. خط نستعليق ۾ حرفن جي خوبصورتي ڪمال جي هوندي آهي، پر ان کي لکڻ ۾ گهڻو وقت صرف ٿيندو هو ۽ محنت بہ تمام گهڻي ڪرڻي پوندي هئي، جيئن تہ دفترن ۽ عدالتن ۾ فرمان، دستاويز ۽ خط لکڻ لاءِ زود نويسي (تڪڙو لکڻ) جي ضرورت هوندي هئي، انهي ڪري نستعليق کي تيزيءَ سان لکڻ لاءِ تعليق ۽ نستعليق جي آميزش سان مرتضيٰ قلي شاملو (هرات جي حاڪم) خط شڪستہ واضح ڪيو ۽ ان کي مرتضيٰ قلي شاملو جي مير منشي صمد شفيع ايجاد ڪري رائج ڪيو ۽ انهي جي نالي جي نسبت سان هي ‘خط شفيعاءَ’ سڏجڻ لڳو، جيڪو اڳتي هلي خط شڪستہ سڏجڻ لڳو. ايران جي هيءَ ايجاد قديم دؤر کان ننڍي کنڊ ۾ بہ مروج ٿي ۽ سنڌ ۾ ارغونن، ترخانن، مغل گورنرن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر جا فرمان ۽ پروانا خط شڪستہ جا بھترين نمونا آهن. مير محمد حسن علي خان ٽالپر ۽ مير محمد حسين علي خان ٽالپر جا خط شڪستہ ۾ ڪجهہ ڪتاب ۽ يادگيريون پڻ لکيل آهن، ان کان سواءِ ‘انشاء عطارد’ و هڪ بھترين قلمي نسخو خط شڪستہ ۾ ٽنڊي آغا ۾ نامور محقق، تاريخدان ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. مير حيدر ٽالپر جي ٽنڊي مير نور محمد واري ڪتبخاني ۾ بہ سوين خط شڪستہ جا نمونا موجود آهن. خط شڪستہ دراصل دفتري ٻولي لاءِ ايجاد ٿيو هو. جيڪو هن وقت استعمال ۾ نہ آهي ۽ هن کي سمجهڻ وارا بہ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا.