شڪلوئي ڍوري جي پٿي تي ٿيل قديم چٽسالي

شڪلوئي ڍوري جي پٿي تي ٿيل قديم چٽسالي

شڪلوئي ڍوري جي پٿي تي ٿيل قديم چٽسالي

شڪلوئي ڍوري جي پٿي تي ٿيل قديم چٽسالي

شڪلوئي ڍورو

شڪلوئي ڍورو: هيءُ ماڳ کير ٿر جابلو سلسلي ۾ نئن گاج واري واديءَ ۾ جوهي، ضلعي دادوءَ کان 38 ڪلوميٽر اولھہ ۾ واقع آهي. شڪلوئي ڍورو، نئين گاج جي هڪ شاخ ۾ آهي. شڪلوئي واٽ قديم دور کان سنڌ جي هيٺئين ۽ مٿئين حصي کي ملائڻ جو ڪم ڏيندي رهي آهي. جڏهن تہ هن واٽ وسيلي کير ٿر جي اتر وارو حصو ڏکڻ واري حصي سان ملي ٿو. سمنڊ کان 5700 فوٽ بلنديءَ تي موجود گورک هل تائين وڃڻ لاءِ بہ جيڪڏهن ڪو چاهي تہ شڪلوئي ڍوري کي پار ڪرڻو پوندو. هن جاءِ تي جبل ۾ وڏن پٿرن تي قديم لوڪن چٽساليءَ وسيلي پنھنجي موجودگيءَ جا اهڃاڻ ڇڏيا آهن. 2004ع ۾ گورک روڊ جي تعمير کان اڳ شڪلوئي ڍورو ۽ ڦازگر ڍوري ٻئي رستي طور ڪتب ايندا رهيا. هن ڍوري جي هيٺئين حصي کي ‘شڪلوئي’، جڏهن تہ مٿئين حصي کي ‘گربان’ سڏيندا آهن. شڪلوئيءَ ۾ جبل تي ٿيل چٽساليءَ کي عام طور ‘چٽي’ چيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘اُڪر’ يا ‘چٽسالي’. هن ماڳ جي اوڀر طرف سنڌو تھذيب سان تعلق رکندڙ آڳاٽو ماڳ جيئندو شاھہ، ڏکڻ طرف هڪ سڱو جانور (Unicorn) ۽ ڌرمي علامتن تي مشتمل گرين ڍورو ۽ لوئي دان ڍوري اوائلي چٽسالي طور مشھور آهن. هن ماڳ جي اولھہ ۾ڦازگر ۽ ميٽ ڍوريون آهن، جتي پڻ قديم چٽسالي جا ڪي نشان مليا آهن. شڪلوئي ۾ موجود اها چٽسالي اوائلي ڌاتو پاهڻي دور ۽ تاريخي دور سان تعلق رکي ٿي. ڏاکڻين طرف ملندڙ چٽسالي گهڻو ڪري ٻڌمت دور ۽ وچئين دور کان پوءِ واري دور جي آهي. ساڳي ريت ڏاکڻين قطار ۾ مليل چٽسالي جو تعلق بہ ڪنجهي دور، ٻڌمت دور ۽ وچئين دور سان آهي. شڪلوئيءَ ۾ اُڪريل چٽن جو گهڻو حصو جانورن جي تصويرن تي مبني آهي، جن ۾ سرهن (Ibex) جي بي شمار چٽن سان گڏ جابلو ٻڪرن جا بہ چٽ شامل آهن. اترئين قطار ۾ ٻليءَ جهڙي جانور کان علاوہ چيتن (شينهن) جي چٽسالي پڻ ملي ٿي. ٻہ چيتا ڌار ڌار چٽيل آهن، جن مان هڪ کي سرھہ تي حملو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ڏاکڻين قطار ۾ چئن چيتن جا چٽ اُڪريل آهن. سڀني جانورن مان حيرت انگيز چٽسالي ڏاندن جي آهي. ڏاکڻين قطار جي اڀي ٽڪر تي هڪ ئي قطار ۾ ڏهن ڏاندن جي چٽسالي آهي. ڏکڻ پاسي واري هڪ ٻي قطار ۾ ٽي ڏاند اسٽوپا سان گڏ ۽ ٻہ ڏاند آمهون سامهون بيٺل ڏيکاريل آهن. ان قسم جي چٽساليءَ جو ٻيو مثال ’نالي واري جي ڪلري‘ ماڳ تي مليو آهي. انهن ڏاندن جون ڄنگهون، سڱ ۽ ڳن واضح اُڪريل آهن، جن کي ڏسي لڳي ٿو تہ اهي ٺونگن واري فني مهارت (Pecking Technique) سان چٽيا ويا آهن. هڪ ڏاند ٻين ڏاندن جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ ڊگهو آهي، ان جو ٻيو مثال نئن گاج کان 6 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف کاشاڻي/ خاشاڻي وادي ۾ ملي ٿو. هتي جانورن جي چٽساليءَ کان سواءِ ڪجهہ شڪاري منظرن جا چٽ بہ ملن ٿا، جنهن ۾ قديم توڙي جديد شڪار ۽ ويڙھہ جا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪ چٽ ۾ ٻہ تير انداز هڪ سرھہ کي تير جو نشانو بڻائي رهيا آهن، ان ئي چٽ جي ويجهو هڪ ٻئي چٽ ۾ هڪ شخص پنھنجي هٿن ۾ نيزو جهليو بيٺو آهي. ليکڪ چواڻي اهي چٽ گهڻو ڪري ‘ڪنجهي دور’ (Bronze Age) سان تعلق رکن ٿا. ان چٽساليءَ جي بلڪل اترئين قطار ۾ سرھہ جا بيشمار نقش اڪريل آهن، جن تي پڻ هڪ تير انداز نشانو تڪي بيٺل ڏيکاريو ويو آهي. جديد دور جي ڪجهہ اُڪريل چٽن ۾ بندوق ۽ رائفل سان بہ سرھہ کي نشانو بڻائيندي ڏيکاريو ويو آهي. سنڌ ۾ ملندڙ هنن چٽن تي محترم بدر ابڙي جو ڪتاب ‘کيرٿر ۾ چٽسالي’ پنھنجي نوعيت جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ چٽساليءَ تي بحث ٿيل آهي.


لفظ شڪلوئي ڍوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو