شگفته جماڻي

شگفته جماڻي

شگفته جماڻي

شگفته جماڻي: نامور سياستدان ۽ ايم پي اي شگفته جماڻيءَ، 10 آگسٽ 1965ع تي مٽياريءَ ۾، پير محمد جماڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. 1985ع ۾ سـنـڌ يـونيـورسـٽي ڄـام شــوري مـان گـريـجوئيـشـن ڪيائين. سندس تعلق شـروع کان وٺي پيپلز پارٽيءَ سان رهـيـو آهي. هيءَ پنهنجـي علائقـي جـي پهرين عورت سـيـاسـي اڳـواڻ آهي، جنهن هيٺئين طبقي سـان تعلـق هـجـڻ باوجود جدوجهد ڪري پنهنجو نـالـو پاڪستان سطح تائين ڪڍيو آهي. شگفته جماڻي پهريون ڀيرو 1988ع وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران عورتن جي مخصوص سيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي وئي. ٻيو ڀيرو 2002ع واري اليڪشن دوران پ پ پ پاران عورتن جي مخصوص سيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي. مٽياري شهر ۾ ڪيترائي ڪم ڪرايا اٿس. مٽياريءَ جون ڪافي گهٽيون ۽ آسپاس جا ڪيترائي رستا سندس بجيٽ مان ٺهرايل آهن. 2008ع وارن چونڊن ۾ پڻ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور چونڊي وئي. پاڻ قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ شگفته جماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.08.10  عيسوي

شگفته جماڻيءَ، 10 آگسٽ 1965ع تي مٽياريءَ ۾، پير محمد جماڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٽيل دراب جسٽس
پير مانڪي شريف
آخوند محمد حسن مسڪين
خواجه عبدالرحمان مجددي سرهندي
شازيه عطا مري
سعيد خان چغته
راج پٽ چندر برهمڻ
عرس ڏاهري
ڄام ڀرمل- I
پير پرڏيهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون