شگفته شاهه

شگفته شاهه

شگفتہ شاھہ

شگفتہ شاھہ: شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ آرٽسٽ شگفتہ شاھہ جو جنم 24 اپريل 1965ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم محمدي اسڪول حيدرآباد، مئٽرڪ گورنمينٽ حمايت اسلام گرلز هاءِ اسڪول حيدرآباد، انٽر زبيدہ گرلز ڪاليج حيدرآباد، ايم. اي سنڌيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي. ان کان سواءِ ايم. ايڊ ۽ انگريزيءَ ۾ ڊپلوما پڻ ڪيل اٿس. هن عملي زندگيءَ جي شروعات انٽر کانپوءِ استاد طور ذميواريون نڀائڻ سان ڪئي. هن وقت پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي گرلس سيڪشن ۾ سنڌي شعبي جي انچارج آهي. شگفتہ شاھہ شاعريءَ جي شروعات 1989ع کان ڪئي. هن جو پهريون نظم ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيو. شگفتہ هڪ سٺي مصور هجڻ سان گڏ سٺي شاعرہ ۽ ڪهاڻيڪار بہ آهي. هن ريڊيو لاءِ ڪيترائي فيچر، گيتن ڀريون ڪهاڻيون ۽ ڊراما پڻ لکيا. هي صحافتي شعبي سان لاڳاپيل رهڻ سان گڏ ڪيترن ئي پروگرامن جي ڪمپيئر پڻ رهي آهي. هن شاھہ ڪريم، قاضي قاضن ۽ سچل سرمست سميت ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. سندس لکيل مضمون، مقالا ۽ ڪالم ’ڪاوش‘ اخبار سميت مختلف اخبارن ۾ ڇپبا رهن ٿا.


لفظ شگفتہ شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.04.24  عيسوي

شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ آرٽسٽ شگفته شاهه جو جنم 24 اپريل 1965ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارشاد سومرو
پيرو محمد سائل
غلام مصطفيٰ مھجور
دانتي
رئيس عبداللطيف لطيف ناپر
سروپچندر شاد
ڄام دُرڪ
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
قاضي قادن قاضي قاضن
علي حيدر ملڪاڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون