شھاب الدين بخاريءَ جو مقبرو

شھاب الدين بخاريءَ جو مقبرو (ماڳ): شھاب الدين بخاري پنھنجي وقت جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو. سمن جي دور ۾ ٽلٽيءَ ۾ رهائش ڪيائين. ان خطي ۾ ديني تعليم سرانجام ڏنائين. سندس مزار تي 1952ع ۾ مقبرو اڏايو ويو. هيءُ مقبرو، ضلعي ڄامشوري، تعلقي سيوهڻ جي ديھہ ٽلٽيءَ ۾ ، "17'3126 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "44'4967 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. مقبري جو دروازو اوڀر طرف آهي، مهاڙيءَ جي ٻيڙ ٻني تي برجون ٺهيل آهن، گنبذ نيل سان ٺهيل آهي، مهاڙي اڇي ۽ ڪاري رنگ جي ڪاشي ۽ ماربل جي سرن سان سينگاريل آهي. ڪنڊن تي ڇت تائين جوڙ ڪنڊون ٺهيل آهن. مقبرو چؤڌاري آئينن ۽ رنگ روغن سان سينگاريل آهي. مقبري اندر ٽي قبرون آهن، هي مقبرو 18 صديءَ جي اڏاوت جو هڪ شاهڪار نمونو آهي. هن درگاھہ تي ڪيترائي ماڻهو روز حاضري ڀرڻ ايندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو