شھاب الدين حڪيم

شھاب الدين حڪيم: حڪيم شھاب الدين سمن جي دور جو سنڌ جو نامور حڪيم ٿي گذريو آهي. هن ڪيترن ئي لامرض مريضن جا علاج بہ ڪيا. اڪثر نبض ڏسي مريض جو علاج ڪندو هو. پير حسام الدين راشدي پڻ کيس وقت جو نامور حڪيم ڪري لکيو آهي. هن طب بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا، جنهن ۾ ‘طب شفاالخاني’ ۽ ‘طب شھاب’ مشھور آهن. حڪيم شھاب الدين بابت نامور حڪيم ۽ شاعر نياز همايونيءَ ‘تاريخ '>سنڌ جي طبي تاريخ ’ ۾ لکيو آهي ته، حڪيم شھاب الدين جا طبي ڪتاب ‘طب شھاب’ ۽ ‘طب شفاالخاني’ مظفر شاھہ گجرات جي والي جا پهريان علمي يادرگار آهن. طب شھاب منظوم آهي، جنهن ۾ ڪليات ۽ معالجات کي دلچسپ انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان جي اها خصوصيت آهي، تہ منجهس درج ڪيل دوائون اڳ ۾ تجربي هيٺ آنديون ويون هيون. حڪيم شھاب الدين پنھنجي دور جي معاشري ۽ مريضن جي نفسيات جو خاڪو بہ پيش ڪيو آهي. هن وٽ هندو توڙي مسلمان هر طبقي جا ماڻهو علاج لاءِ ايندا هئا. حڪيم شھاب الدين ‘طب شفاء الخاني’ سلطان مظفر شاھہ جي فرمائش تي 794ھہ ۾ تاليف ڪيو، جنهن ۾ عضون جي تشريح، انهن جا افعال ۽ پوءِ مرضن جا سبب ۽ علاج جا طريقا واضح ڪيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو