شھاب الدين خواجہ: هيءُ خواجہ عبيدالله احرار علويءَ جي اولاد مان هو. مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب ‘تحفة الڪرام’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، “خواجہ شھاب الدين بن خواجہ مير ڪمال الدين هرات مان نڪري، ارغون حڪمرانن سان گڏجي ٺٽي آيو هو ۽ کيس ڪلان ڪوٽ ۾ جاگير ملي، جنهن بعد مير ڪمال الدين اتي ئي وفات ڪري ويو ۽ سندس مزار فتحي جي ٽڪر تي آهي، جيڪو ‘فتحي نگر’ جي نالي سان مشھور آهي. کيس خواجہ نجم الدين، خواجہ شمس الدين، خواجہ رضي الدين ۽ خواجہ شھاب الدين نالي چار پٽ هئا.
همايون بادشاھہ، مير ڪمال الدين جو گهڻو عقيدتمند هو، انهيءَ ڪري جلال الدين محمد اڪبر بادشاھہ هن کي پنھنجي درٻار ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. مير ڪمال الدين وڏي عمر هئڻ ڪري عذر پيش ڪري پنھنجي پٽ خواجہ شھاب الدين کي اڪبر بادشاھہ جي درٻار طرف روانو ڪيو، جيڪو ڪيترو ئي عرصو بادشاهي درٻار ۾ وڏي شان شوڪت سان رهيو، پر پوءِ واپس پنھنجي والد جي خدمت ۾ موٽي آيو. ميرزا شاھہ بيگ ارغون جي خاص امير مير محمد حسين گيلانيءَ جي ڌيءَ سان نڪاح ڪيائين. خواجہ شھاب الدين جي اڪبر بادشاھہ توڙي ارغون حاڪمن وٽ وڏي عزت هوندي هئي. مير شھاب الدين سڄي زندگي خدمت خلق ۾ گذاري ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن سان زيادتي ڪانہ ڪئي. سندس دور سنڌ ۾ ارغون حاڪمن وارو دور ليکيو وڃي ٿو.