شھاب الدين شيخ برهانپوري

شھاب الدين شيخ برهانپوري: مسيح الاولياء شيخ جندالله جو پوٽو شيخ شھاب الدين ابن شيخ بابا فتح محمد وڏو حسين و جميل هو. علم و فضل ۾ پنھنجي دور جو عالمن ۾ سر فهرست هو. شيخ شھاب الدين جي ولادت سن 1030ھہ/ 1621ع جي آخر يا 1031ھہ/ 1622ع جي شروعات ۾ ٿي. سندن ڏاڏي مسيح الاوليا سندس نالو شھاب الدين رکيو، سندس ولادت کان ترت پوءِ مسيح الاولياء جي وفات ٿي وئي. علمي ادبي گهراڻي ۾ تعليم و تربيت ٿيڻ ڪري هي ننڍپڻ ۾ ئي حافظ قرآن بڻيو. ان کان سواءِ علم قرات جو بہ وڏو ڄاڻو هو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد شيخ برهان الدين پنھنجي خانقاھہ سان متصل مسجد جي امامت شھاب الدين جي حوالي ڪئي. شيخ شھاب الدين فقھ، حديث ۽ تفسير جي تعليم پنھنجي والد فقيھ، محدث ۽ مفسر بابا فتح محمد کان حاصل ڪئي. جڏهن بابا فتح محمد مديني هجرت ڪري ويو. ان کانپوءِ شيخ برهان الدين جي زير نگراني تصوف، رياضت ۽ مجاهدات جو علم حاصل ڪري خانداني ‘مسندِ ارشادِ هدايت’ (هدايت ڪرڻ واري جاءِ) تي ويٺو. هن کي تعاليٰ ديني و دنياوي، ظاهري ۽ باطني نعمتن سان مالامال ڪيو هو. روحانيت ۾ ڪشف جو صاحب هو. خانداني دستاويزن ۽ لک پڙھہ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته، شيخ شھاب الدين جي تمام گهڻي زمين هئي. پر اڌ کان وڌيڪ زمين تي آبادي ۽ وسندي هئي، اها وسندي ‘شھاب الدين پوره’ جي نالي مشھور هئي. سندس وفات جي تاريخ ڄاڻايل نہ آهي. سندس مزار سنڌي پوره برهانپور ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو