شھاب الدين صوفي: شاعر ۽ صوفي بزرگ صوفي شھاب الدين، صوفي شاعر صادق فقير سومري جو چوٿون نمبر پٽ هو. هُن 1828ع ڌاري ديھہ اهر، تعلقي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. کيس تربيت، تلقين ۽ شاعري بہ والد کان ورثي ۾ ملي. پاڻ صوفي شاعر هو، پنھنجي شاعريءَ ۾ حسن جي بہ تعريف ڪئي اٿس، پر سندس شاعريءَ تي تصوف جو رنگ گهڻو آهي. پاڻ صوفي شاھہ عنايت جي نظريي جو پوئلڳ هو. صوفي شھاب الدين 1890ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار تعلقي عمرڪوٽ جي صوفي شھر ۾، درگاھہ صوفي صادق فقير جي احاطي ۾ آهي. سندس شاعريءَ جو نمونو هتي پيش ڪجي ٿو:
درد بنا آهي ڪوڙي بات، ذات نہ ڄاڻان ڪير آئون آهيان،
پاڙي اسانجي پهاڄيون، کر بہ اسان سان ڇات،
اوکي ويل اسان سان مرشد، هجي هميشہ ساٿ،
هادي ويل هلڻ جي مون کان، ڪلمو چوائين وات،
’شھاب الدين‘ ڪرين سو ڪري وٺ، ڦٽڻ تي آ پرڀات.