شھاب الدين غوري: معزالدين محمد شھاب الدين غوري، 1149ع ۾ ڄائو. هي مشھور غوري گهراڻي جي خاندان جو سلطان هو. جنهن پنھنجي ڀاءُ غياث الدين سان گڏ 1202ع کان 1206ع تائين هندستان تي حڪومت ڪئي. هن جي دور ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ پهريون ڀيرو مسلمان حڪومت جو بنياد پيو ۽ صدين تائين مسلمانن ڏکڻ ايشيا ۾ حڪومت ڪئي. هن جي حڪومت جون حدون موجودہ افغانستان، بنگلاديش، ايران، هندستان، پاڪستان، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان تائين ڦهليل هيون. هن محمد بن سوريءَ جي وفات کانپوءِ 1173ع ۾ غزنيءَ تي قبضو ڪري، غوري خاندان جي حڪومت جو بنياد وڌو. پنھنجي ڀاءُ کي اولھہ هندستان جي سرحد ڏانهن موڪلي، ان جي هٿان خوارزمي بادشاهت جا بنياد وڌا. غياث الدين پهريان اولھہ هندستان جي ڪجهہ حصن تي قبضو ڪيو. 1175ع ۾ شھاب الدين غوريءَ ملتان تي حملو ڪري حامد لوڌيءَ سلطنت کي پنھنجي قبضي ۾ آندو. ساڳئي عرصي دوران اُچ تي قبضو ڪرڻ کان ٽي سال بعد گجرات تي حملو ڪري هندو راڻيءَ نائيڪي ديويءَ کي شڪست ڏنائين، جنهن بعد پشاور ۽ سيالڪوٽ تي بہ پنھنجي حڪومت قائم ڪيائين. 1186ع ۾ پنھنجي ڀاءُ غياث الدين سان گڏجي غزنوي سلطنت جو خاتمو آڻي غزنوي حاڪم خسرو ملڪ کي حڪومت مان نيڪالي ڏئي لاهور (پنجاب) تي قبضو ڪيائين. 1191ع ۾ شھاب الدين خيبر پاس واري رستي تان هندستان جي قلعي بند شھر ڀٽنڊا (موجودہ پنجاب رياست جي اتر- اولھہ سرحد) وٽ راج چوهاڻ'>پرٿوي راج چوهاڻ جي سلطنت تي حملي جو منصوبو جوڙيو. ان مقصد تحت هن قاضي ضياءُ الدين کي قلعي بند شھر ڀٽنڊا جو گورنر مقرر ڪيو. ان دوران کيس خبر ملي تہ پرٿوي راج پنھنجي لشڪر سان گڏ قلعي تي حملي لاءِ اچي رهيو آهي. نتيجي طور شھاب الدين جوابي حملي لاءِ پنهنجو لشڪر تيار ڪرائي اڳتي وڌيو. اهڙيءَ ريت ٿانيسر (موجودہ هريانا)کان 14 ميلن جي فاصلي تي تراوڙي واري هنڌ ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا. ان ويڙھہ دوران شھاب الدين زخمي ٿيڻ سبب پنهنجو لشڪر وٺي واپس موٽي ويو، پر ڪجهہ عرصي بعد ٻيهر تراوڙي جي مقام تي راج چوهاڻ'>پرٿوي راج چوهاڻ سان مدمقابل ٿيو. اوچتن حملن ۽ راجپوتن جي مخالفت سبب ان ويڙھہ ۾ پرٿوي راج کي شڪست ملي ۽ کيس جنگي قيدي بڻايو ويو. 1193ع ڌاري اجمير رياست پاران ڍل ادا نہ ڪرڻ ڪري سندس گورنر قطب الدين ايبڪ، اجمير تي قبضو ڪري غوري سلطنت قائم ڪئي ۽ جلد اتر ۽ وچ هندستان کي پنھنجي حاڪميت هيٺ آندو. جنهن بعد سرسوتي، سامانا، ڪوهرام، حانسي ۽ هندستان جون ڪي ٻيون ننڍيون رياستون ڪنهن ويڙھہ کانسواءِ غوري سلطنت ۾ شامل ٿي ويون. آخرڪار ٿوري ئي عرصي ۾ شھاب الدين جو لشڪر دهلي تي حملي آور ٿيو ۽ چندواڙا جي جنگ کان پوءِ ڪنؤج جي راجا، راجا جئچند تي اوچتو حملو ڪري مڪمل راجسٿان ۽ گنگا- جمنا جي اترين حصن تي قبضو ڪيو. هندستان تي فتح حاصل ڪرڻ بعد ايبڪ کي گورنر مقرر ڪري پاڻ، ايران طرفان جنگي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ غزني موٽي ويو. هن 1200ع ۾ نشاپور تي قبضو ڪيو، سندس ڀاءُ غياث الدين ڪجهہ مهينن جي علالت بعد 1202ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ هو پاڻ هندستان مان غور موٽي آيو. 1204ع ۾ خوزامي سلطنت جي دارالحڪومت گڙگنج تي حملي خلاف محمد II، آخوند جي مقام تي کيس شڪست ڏني، جنهن بعد هندستان وڃي ڪجهہ عرصو حڪومت سنڀاليائين. 1206ع ۾ هندستان جا سڀ حڪومتي معاملا قطب الدين ايبڪ جي حوالي ڪري پنھنجي لشڪر سان گڏ غزني سلطنت ڏانهن واپس پئي ويو تہ سوهاوا جي ويجهو دميڪ جي مقام (موجودہ جهلم، پنجاب، پاڪستان) وٽ 15 مارچ 1206ع تي کيس قتل ڪيو ويو. جتي سندس مزار موجود آهي. شھاب الدين غوريءَ کي ڪو بہ اولاد ڪو نہ هو، تنهنڪري سندس قتل بعد غوري سلطنت هيٺين تابعدارن ۾ ورهائجي وئي: (1) قطب الدين ايبڪ، دهليءَ جو حڪمران ٿيو ۽ دهلي سلطنت قائم ڪيائين. سندس دور ۾: (2) ناصر الدين قباچه، ملتان جو حاڪم ٿيو. (3) تاج الدين يلدوز، غزني جي حڪومت سنڀالي. (4) اختيارالدين محمد بن بختيار خلجي، بنگال جي ڪجهہ حصن جو حڪمران ٿيو. شھاب الدين غوريءَ پاران تراوڙي جي مقام تي هندو راجا پرٿويراج چوهاڻ کي شڪست ڏيڻ سبب کيس مسلمانن جو هيرو تصور ڪيو ٿو وڃي. سندس اعزاز ۾ پاڪستاني فوج طرفان متوسط فاصلي تي هدف ڪندڙ ٽن ميزائلن کي غوري I، غوري II ۽ غوري III جو نالو ڏنو ويو آهي.