
مولوي شهاب الدين نهڙي
شھاب الدين نهڙي، مولوي: نامور ديني عالم، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن مولوي شھاب الدين نهڙي، 1932ع ڌاري ڳوٺ ڪيتار، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر جي مالوند گهراڻي ۾ عبدالله نهڙيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي قرآن شريف جي تعليم گهر ۾ پنھنجي چاچي ميئين جان محمد وٽ پرايائين، جنهن بعد وڌيڪ ديني تعليم لاءِ مدرسہ الاشاعت هاشميه، ڪلواري (ڪوٽ غلام محمد) ۾ جيد عالم مولوي غلام محمد آرائينءَ وٽ پڙهڻ ويٺو. جتي مشھور سياستدان رئيس خير محمد خان ڀرڳڙي پڻ سندس هم مڪتب هو. جتان هو 1952ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو. هن پنھنجي ڳوٺ ڪيتار ۾ ديني درسگاھہ قائم ڪري درس ڏيڻ شروع ڪيو، جتي ٿر جي ڪنڊڪڙڇ کان ڪيترا طالب علم وٽس اچي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لڳا، اهو پري وارن ڳوٺن جي شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو خرچ بہ پاڻ ڪندو هو. هو ديني عالم هئڻ سان گڏوگڏ راڄ جي فيصلن ۾ ماهر هو، برادري توڙي علائقي واسين جا فيصلا وٽس ٿيندا هئا. پاڻ سخي ۽ مهمان نواز هوندو هو. سندس اوطاق هميشہ مهمانن سان ڀريل رهندي هئي. هي لوڪل گورنمينٽ ۾ يونين ڪائونسل تڙ احمد ۽ تعلقي ڇاڇري جو چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر بہ رهيو. ان وقت هن ڪيترائي سماجي ۽ عام ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا. علائقي ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي ڳوٺ ڪيتار ۾ پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول سان گڏ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪرايائين. سندس ڳوٺ ۾ پري وارن شاگردن کي سندس گهر مان ماني کارائي ويندي هئي. صحت جي سهولت لاءِ اسپتالون کولرايائين. ڪيترائي کوھہ ۽ تلاءَ ٺهرايائين. ڪيترن ئي ماڻهن کي نوڪريون وٺي ڏنائين. هن جو ملڪي سرحدن جي دفاع ۾ پڻ اهم ڪردار رهيو آهي. 1965ع واري پاڪ-ڀارت جنگ ۾ راجستان بارڊر تي پاڪستاني فوج سان سهڪار ڪرڻ تي کيس فوج پاران حب الوطني جي جذبي جي حوالي سان گولڊ ميڊل، سرٽيفڪيٽ ۽ آفرين نامي سان نوازيو ويو.هن جتي سماجي ۽ فلاح ڪم ڪيا، اتي علمي ادبي پورهيو پڻ ڪيو. پاڻ عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور رکندو هو. فارسي ۾ شاعري پڻ ڪئي. سنڌيءَ ۾ ٻہ ڪتاب ‘تحقيق ضياد’ ۽ ‘شرح سراجي’ (ميراث) پڻ لکيائين. ان کان اڳ ڪنهن بہ عالم ‘شرح سراجي’ سنڌيءَ ۾ نہ لکي هئي. هن پنھنجي ڳوٺ ۾ ‘شهابيه لائبرري’ جو بنياد رکيو، جتي اڄ ٻن هزارن جي تعداد ۾ ديني تاريخي ۽ طبي ڪتاب ۽ ڪيترائي ناياب قلمي نسخا پڻ موجود آهن. هو عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجون سياسي ذميواريون پنھنجي ڀاءُ جي حوالي ڪري پاڻ عبادت، مطالعي ۽ تحريري ڪمن ۾ مشغول رهيو.
مولوي شھاب الدين نهڙيءَ، 67 سالن جي ڄمار ۾ 9 جولاءِ 1999ع تي وفات ڪئي.
1999.07.09 عيسوي
مولوي شهاب الدين نهڙي، 1932ع ڌاري جنم ورتو.مولوي شهاب الدين نهڙيءَ، 67 سالن جي ڄمار ۾ 9 جولاءِ 1999ع تي وفات ڪئي.