شھاب الدين چشتي

شھاب الدين چشتي: نامور صحافي ۽ ايڊيٽر شھاب الدين چشتي 1896ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق شڪارپور جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان هو. شروعاتي تعليم مقامي طرح حاصل ڪرڻ بعد سندس طبيعت جو لاڙو ادب ۽ صحافت ڏانهن ٿيو. شروعات ۾ مولانا عبدالڪريم چشتي جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيائين. بعد ۾ هفتيوار اخبار ‘شھباز’ جاري ڪري پاڻ بہ عملي طور صحافت جي ميدان ۾ آيو. شڪارپور جي مسئلن جي ترجماني ڪندڙ ان اخبار جو چڱو اثر هوندو هو. شھاب الدين چشتيءَ 27 سيپٽمبر 1981ع تي وفات ڪئي.


لفظ شھاب الدين چشتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.09.27  عيسوي

شهاب الدين چشتي 1896ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.27 سيپٽمبر 1981ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جعفر ميمڻ
لطف علي دَل
علاؤ الدين نيازي شيخ
امان ﷲ چانڊيو سنڌي
علي رضا سھتو
خليل الرحمان مير
اختر حفيظ
پريم شواڻي
الھہ بچايو جمالي
مولا بخش ڀٽو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون