شھاب الدين ڪٽوهر مولوي

شھاب الدين ڪٽوهر، مولوي: نامور عالم مولوي شھاب الدين ڪٽوهر 1903ع ڌاري پير جي ڳوٺ ڀرسان ڪٽوهر ڳوٺ، ضلعي خيرپور ۾ منگهن ڪٽوهر جي گهر ۾ جنم ورتو. پنھنجي ڀاءُ سان گڏ ڳوٺ داڙا واهڻ ۾ وقت جي مشھور عالم استاد مولا بخش ڪٽوهر وٽ قرآن مجيد پڙهيو. بعد ۾ پيرڳوٺ ۾ راشدي پيرن جي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، پر ڪجهه عرصي بعد اتان نڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سليمان ڪور جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ان مدرسي ۾ استاد محمد عثمان نورنگي هوندو هو، جيڪو شاگردن کان مولود چورائيندو هو، جنهن سبب هن بہ سندس صحبت ۾ رهي مولود چوڻ شروع ڪيا ۽ شاعري پڻ ڪئي. مولوي شھاب الدين استاد نورنگيءَ جي شفقت سبب صرف ۽ نحو جي تعليم پڻ پرائي. ٽن سالن بعد اتان نڪري سڪرنڊ طرف جهنڊي شاھہ جي مدرسي ۾ ويو، جتي ڳچ عرصي تائين پڙهندو رهيو. والد جي وفات بعد ڳوٺ ويو، ڪجهه عرصي بعد انڊيا طرف هليو ويو، جتي ڀوپال اجمير، جهونا ڳڙھہ، دهلي ۽ آگري ۾ وڏن عالمن ۽ بزرگن جي صحبت ۾ رهي تعليم حاصل ڪندو رهيو. اتي تعليم پرائڻ سان گڏ نيپال ۽ اتر پرديش جا دورا پڻ ڪيائين. ڪيترن ئي بزرگن جي درگاهن تي حاضري ڀرڻ سان گڏ وقت جي وڏن عالمن سان ملاقاتون پڻ ڪيائين. چئن سالن بعد عالم جي سند حاصل ڪري واپس ڳوٺ آيو. ڪجهه عرصو پير ڳوٺ ڀرسان آبائي ڳوٺ ۾ رهڻ بعد خيرپور ڀرسان سٺيو واھہ جي اڀرندي پاسي زمين خريد ڪري ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳو، پوءِ پاڻ ڪجهه عرصو سکر ۾ پڙهائڻ لڳو، جنهن بعد 1940ع ڌاري ناز پائليٽ اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. جتي محنت ۽ ايمانداريءَ سان پڙهايائين. سندس ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي پهتا.
1990ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. سنڌ جا ڪيترائي عالم منجهيل ديني معاملن جي حل لاءِ وٽس اچي معلومات وٺي فيضياب ٿيندا هئا. هن ڪيترن ئي معاملن تي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ فتوائون پڻ ڏنيون. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ملڻ خلاف هو واحد عالم هو، جنهن فتوى ڏئي ان فيصلي کي غلط قرار ڏنو. هن بزرگ 21 مئي 2005ع تي وفات ڪئي. کيس شادي شھيد ڀرسان اباڻي قبرستان ٽڪر ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو