
شهاب نامو
شھاب نامو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سماجي اڳواڻ، ليکڪ ۽ بيوروڪريٽ آغا شھاب الدين جي زندگي ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. انتساب پنھنجي گهر واري زرينه، ڌيءَ فوزيہ ۽ پٽن زاهد، شاهد ۽ عابد جي نالي ڪيل اٿس. ڪتاب ترتيب جي حوالي سان ستن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرين حصي ۾ مهاڳ ڏنو ويو آهي. ٻئي حصي ۾ والد مرحوم خانصاحب تاج محمد خان'>آغا تاج محمد خان، ٽئين حصي ۾ پاڻ تي ۽ چوٿين حصي ۾ خاندان ۽ ويجهن مائٽن تي تبصرو ڪيل آهي، پنجين حصي ۾ ‘معزز سنڌ واسي’ جي عنوان سان دوستن، رهنمائن، بزرگن ۽ واسطيدار معتبر شخصيتن تي تبصرو ڪيو ويو آهي، ڇهين حصي ۾ سرڪاري، غير سرڪاري شخصيتن تي تبصرا ۽ رايا شامل آهن ۽ ستين حصي ۾ پنهنجون ڪجهہ لکڻيون ‘منهنجي ڊائري جا ڪي ورق’ عنوان سان شامل ڪيل آهن. ان کان سواءِ ڪتاب جي اندر مختلف جاين تي يادگار تصويرون پڻ ڏنل آهي.
527 صفحن تي ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جي ٽائيٽل تي ليکڪ جي تصوير ۽ بيئڪ ٽائيٽل تي سندس پروفائيل ڏنل آهي.