شھانا (راڳ): هيءُ راڳ سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي ٺاٺ جو کاڊو سمپورن يعني ڇھن ۽ ستن سرن جو راڳ آهي. هن راڳ جي آروهيءَ ۾ ڇھہ سر ۽ امروهيءَ ۾ ست سر استعمال ۾ آڻبا آهن. هي راڳ مسلمان نائڪن جي ڪاوشن سان ٺهيل راڳ آهي ۽ هن راڳ جو ڪجهه روپ شاھہ لطيف جي سرن سان بہ لاڳو آهي. هن راڳ جو پھر رات جو رکيل آهي، انهيءَ راڳ جي وادي سر پنچم (پا) آهي. انهيءَ راڳ جي شڪل آڙانه سان گهڻو ملندي آهي. شھانا جي امروهيءَ ۾ ڌيوت کي هلڪي رنگ ۾ استعمال ڪرڻ سان آڙانه کان مختلف ٿي پوي ٿو. انهيءَ راڳ ۾ گنڌار جو سر لڳائڻ سان هي راڳ سارنگ کان بہ الڳ ٿي پوي ٿو. شھانا راڳ ۾ ڌيوت (ڌا) جو سر ورجاءُ ٿيڻ ڪري ڪافي کان بہ الڳ ٿي پوي ٿو. شھانا راڳ جو روپ درٻاري ۽ مينگهه سان ملندڙ جلندڙ آهي.
آروهي: سا- ري- ما- پا- نا- سا
امروهي: سا- نا- ڌي- پا- ما- پا- گا- ما- ري- سا.