شھاڻي

شھاڻي (ذات): شھاڻي نالي سان ذاتيون مختلف ذاتين، قبيلن جي نکن ۾ بہ آهن. لغارين، رندن سميت لاشارين، ٽالپرن ۽ هندن ۾ پڻ شھاڻي ذات سان پاڙا آهن. لغاري ۽ رندن مان هن ذات وارا ٽنڊي محمد خان ۾ رهائش پذير آهن. ‘بلوچ اور اس ڪي قبائل’ نالي ڪتاب جي مصنف شھاڻي رندن جو مڪمل شجرو پڻ ڏنو آهي، جنهن موجب هي هيٺين نک مان آهن. مير خان رند'>چاڪر خان رند، سپاھہ دار خان، مير رند خان، بلوچ خان، شهانه خان، شھاڻي بلوچ. ايس صادق، شھاڻي ذات وارن کي لشار ۽ رند لکيو آهي. هو لکي ٿو تہ اهي اصل ۾ عام طرح سان رند ئي آهن، جيڪي پاڻ کي هن وقت شھاڻي يا شاهاڻي چوائين ٿا. انهن ۾ هيٺيان ننڍڙا پاڙا پڻ آهن: پازدائي، حمزواڻي، جسڪاڻي، لشڪراڻي، ملاڻي، ميراڻي، سهتاڻي. اڪثر ڏٺو ويو آهي تہ هندو ‘شهاڻين’ کي ‘شاهاڻي’ لکيو وڃي ٿو، جيڪو غلط آهي. شھاڻي ‘بٺيجا’ نک مان هندو آهن. سندن ذات جو نالو سندن وڏن پٺيان نه، پر ‘شاھہ بھادر’ جي پٺيان پيو آهي. شاھہ بهادر، ميرن جي صاحبيءَ ۾ چانڊڪا پرڳڻي جو گورنر ٿيو. جنهن جو هندن سان گهڻو واسطو رهيو، ان نسبت سان اتي جي هندن پاڻ کي شھاڻي سڏايو. اڳتي هلي اهي هندو سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويا. نامور شخصيتون اي. ٽي شھاڻي ۽ پي. ڪي شھاڻي پڻ هن ئي ڪڙم سان وابستہ هئا. ‘شھاڻيذات وارا هن وقت سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي رهائش پذير آهن.


لفظ شھاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو