شھباز اخبار

شھباز (اخبار): هيءَ هفتيوار اخبار 1954ع ۾ علم ادب سان گهرو واسطو رکندڙ شھاب الدين ولد غلام رسول چشتي شڪارپور مان جاري ڪئي. هن اخبار ۾ شھري مسئلن کان سواءِ ملڪي معاملن تي خبرون ۽ ڪالم شايع ڪيا ويندا هئا. هيءَ اخبار پاڪستان پرنٽنگ پريس مان شايع ٿيندي هئي. هيءَ اخبار 1970ع تائين ڪاميابيءَ سان شايع ٿيندي رهي، جنهن بعد بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو