شھباز شريف

شھباز شريف: پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جو پورو نالو ميان محمد شھباز شريف آهي. هن 23 سيپٽمبر 1951ع تي لاهور ۾ جنم ورتو. سياست ۾ اچڻ کان اڳ هي پنھنجي والد محمد شريف سان گڏ ڪاروبار ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو ۽ ‘اتفاق گروپ’ جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو. شھباز شريف پهريون ڀيرو 1988ع ۾ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو، ان بعد هن 1990ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت بہ حاصل ڪئي. ٻيهر 1993ع وارين چونڊن ۾ هي پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ منظور وٽوءَ جي وڏ وزارت دوران هي مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ٿيو.
1997ع واري اليڪشن ۾ شھباز شريف ڪاميابيءَ بعد پنجاب جو وزيراعليٰ منتخب ٿيو. مرڪز ۾ سندس وڏو ڀاءُ ميان نواز شريف وزيراعظم هو. اها اليڪشن تڏهوڪي صدر فاروق لغاريءَ پاران پ. پ حڪومت ۾ قائم اسيمبليون ٽوڙڻ بعد قائم ٿي هئي. جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) قومي اسيمبليءَ جون 134 سيٽون حاصل ڪري مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهي. ميان شھباز شريف مسلم ليگ (ن) جو صوبائي صدر پڻ رهيو.
2008ع وارين چونڊن بعد مرڪز ۽ ٽن صوبن ۾ پيپلز پارٽيءَ مخلوط حڪومت ٺاهي، جڏهن تہ پنجاب ۾ نواز ليگ کي سرسي ملي. شھباز شريف جيئن تہ پهريان ڪنهن قانوني رڪاوٽ سبب اليڪشن ۾ حصو نہ وٺي سگهيو هو ان ڪري سردار دوست محمد کوسي کي پنجاب جو وزير اعليٰ مقرر ڪيو ويو. ان بعد ضمني چونڊ ۾ PP-48 ڀڪر واري تڪ تان اميدوار کي استعيفا ڏياري، شھباز شريف پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرشپ حاصل ڪئي ۽ جون 2008ع ۾ وزيراعليٰ پنجاب منتخب ٿيو ۽ صوبي ۾ حڪومتي ڪارڪردگي مؤثر بڻائڻ لاءِ سرگرميءَ سان مصروف رهيو. هن پاڻ کي وزير اعليٰ بجاءِ ’خادم اعليٰ‘ سڏايو. فيبروري 2009ع ۾ سپريم ڪورٽ هڪ فيصلي ۾ شريف ڀائرن کي عوامي عهدن لاءِ نا اهل قرار ڏنو. جنهن بعد تڏهوڪي صدر آصف علي زرداريءَ پنجاب ۾ ٻن مهينن لاءِ گورنر راڄ لاڳو ڪيو. ان فيصلي بعد پ. پ ۽ نواز ليگ وچ ۾ سخت تنقيدي ڇڪتاڻ ٿي. ڇا ڪاڻ جو ان وقت جي گورنر سلمان تاثير (مرحوم) کي بہ نواز ليگ قبول نہ پئي ڪيو. بحال ٿيڻ بعد شھباز شريف ٻيهر حڪومتي ۽ سياسي معاملا هوشياريءَ سان هلايا ۽ صوبي ۾ تعليم ۽ ترقيءَ تي زور ڏنو.
2013ع وارين چونڊن بعد شھباز شريف ٽيون ڀيرو پنجاب جو وزيراعليٰ منتخب ٿيو آهي. پنھنجي پوئين حڪومت دور ۾ هن ڪيتريون ترقياتيون اسڪيمون ۽ پاليسيون متعارف ڪيون. غريبن لاءِ مفت تعليم جا ’دانش اسڪول‘ قائم ڪرڻ ’آشيانه هائوسنگ اسڪيم‘ تحت غريبن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ، نوجوانن کي اسڪالرشپ ۽ ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ، پنجاب يوٿ انٽرنشپ ذريعي بي روزگار نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ميٽرو بس سروس سميت مختلف اسڪيمون متعارف ڪيون آهن.
شھباز شريف پوئين دور حڪومت ۾ متحرڪ وزيراعليٰ رهيو آهي. هن 3 شاديون ڪيون، جن مان سندس 2 زالون وفات ڪري ويون. باقي ٽين گهرواري تھمينه دراني حال حيات آهي. شھباز شريف جي اولاد ۾ ٻہ پٽ حمزہ شهباز، سلمان ۽ ڌيءَ رابعہ عمران آهن.


لفظ شھباز شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.09.23  عيسوي

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف 23 سيپٽمبر 1951ع تي لاهور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نيلوفر شيخ ڊاڪٽر
خافي خان
عبدالقادر انصاري ڊاڪٽر
علي گوهر خان مھر اول
حاجي علي محمد کوسو
پيرو کٽي
چٺا محمد حسين
نور مصطفىٰ شيخ ڊاڪٽر
راڻي سونهن ديوي
راءِ گنگاجر جکرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون