شهباز علي ملازم سروري

شهباز علي ملازم سروري

شھباز علي ملازم سروري

شھباز علي ملازم ‘سروري’: شھباز علي ملازم سروري ولد عبدالڪريم خاصخيليءَ 10 جون 1916ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ جنم ورتو. قرآن شريف جي تعليم، پنج درجا سنڌي ۽ ڪجهه سبق فارسيءَ جا پڙهيائين. هالن ۾ محمد فقير کٽياڻ ۽ فقير ﷲ بخش ملاح جي صحبت ۾ رهڻ سبب سندس طبيعت شاعريءَ طرف مائل ٿيس. اڳتي هلي کيس مخدوم محمد زمان طالب المولى جي شاعراڻي صحبت ۽ استاديءَ هيٺ باقاعدہ شاعريءَ جي تربيت ملي. سندس شاعريءَ ۾ غزل، ڪافي، بيت، گيت، رباعيون، مرثيه، نعت، حمد، ڏور ۽ نظم موجود آهن. سندس تصنيفن ۾ ‘نغمئه دل’، ‘لڙڪ حسين گل’ ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران ڇپايل ڪتاب ‘حمد ۽ نعت’ شامل آهن. سندس ڪيتروئي اڻ ڇپيل ڪلام موجود آهي. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو تي بہ نشر ٿيندا رهن ٿا. هن 27 شوال 1415ھہ/28 مارچ 1995ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ اباڻي قبرستان آراضي ۾ آهي.


لفظ شھباز علي ملازم سروريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.06.10  عيسوي

شهباز علي ملازم سروري ولد عبدالڪريم خاصخيليءَ 10 جون 1916ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ جنم ورتو.


1995.03.28  عيسوي

شهباز علي ملازم سروري 27 شوال 1415هه/28 مارچ 1995ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان آراضي ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شبير هاتف
دکايل هوندراج
امر کهاوڙ
انور ڪاڪا
خواجہ مير درد
خليفو غلام ﷲ
احسان علي شاھہ 1
سندر مجرم
غلام نبي گل
غلام مهتديٰ لکوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون