
شهباز ڳڙهي

شهباز ڳڙهي
شھباز ڳڙهي (ماڳ): شھباز ڳڙهي نالي ماڳ سرحدي علائقي ۾ مردان شھر کان 12 ڪلوميٽرن تي "55.56 '23°34 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ '16°72 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي شھباز ڳڙهي ڳوٺ لڳ موجود آهي. هي ماڳ سڀ کان اول جنرل ڪورٽ ڳولي لڌو هو. هن ٻڌايو تہ جبل جي سڌن تختن تي ڪي قديم لکتون آهن ۽ پوءِ آڪٽوبر 1835ع ۾ ميسن شھباز ڳڙهي ماڳ تي ويو ۽ هڪ ڪاغذ تي ڪاميابيءَ سان لکڻين کي ڇاپي آيو. جن ۾ اشوڪا جو هڪ فرمان بہ لکيل مليو هو. هي ماڳ جبل ۾ پٿرن جي گٺل تختن تي هڪ لکت جي صورت ۾ موجود آهي. هتي موجود 14 پاهڻي پٿر جن تي موريا گهراڻي جي شهنشاھہ ‘اشوڪ اعظم’ (272 کان 235 ق. م) جي دور سان تعلق رکندڙ لکتون اڪريل آهن. اهي ٽين صدي ق. م جي وچ واري ڏهاڪي جون چئي سگهجن ٿيون. جيڪي ساڄي کان کاٻي طرف خروشتي خط ۾ تحرير ٿيل آهن. انهن خروشتي لکڻين مان اندازو لڳايو ويو آهي تہ ٽين صدي ق. م ۾ گنڌارا صوبي ۽ هن خطي ۾ آخميني حڪومت جو اثر ڪيترو هو. هن ماڳ تان رڪارڊ ڪيل چوڏنهن لکتن جو وڏو حصو اشوڪا جي ڌرمي ۽ اخلاقي خيالن تي مشتمل آهي.
پٿري لکتن جو هي ماڳ خيبر پختونخوا صوبي جي مردان ضلعي ۾ ٽن مشھور قديم شاهراهن جي ميلاپ وٽ آهي. هڪڙي ڪابل کان پشڪلاوتي (قديم چارسده جو نالو)، ٻي سوات کان بونير ويندڙ واٽ ۽ ٽين سنڌونديءَ جي ڪناري سان قديم واٽ، جيڪا هُند (Hund) کان ٿيندي ٽيڪسيلا وڃي ٿي. اصل ۾ هي ماڳ مردان- صوابي روڊ تي آهي. مردان ڪنهن زماني ۾ ٻڌي لوڪن جو ڳڙھہ رهيو آهي. هن ماڳ تي جبلن جي سڌن پاهڻي تختن تي اشوڪ اعظم جون تحريرون اڪريل آهن. جن جو زمانو 231-272 ق. م چيو وڃي ٿو.
شھباز ڳڙهيءَ کي چيني سياح هيون تسانگ پو-لو-شا (Po-lo-sh) ۽ پوءِ وارن ليکڪن ورشاپورا ڪري سڏيو آهي. چيني سياح هيون سانگ هي ماڳ 620 عيسويءَ ۾ ڏٺو هو. هن لکيو آهي تہ گوتم ٻڌ جو شھزادي ونسترا طور جنم هن هنڌ تي ٿيو هو. هن هتي پاروتي ديويءَ جو نيري رنگ جي پٿر جو بت بہ ڏٺو هو. ان کان سواءِ هڪ مندر بہ هو، جيڪو جبل جي دامن ۾ هن جي نظرن مان گذريو هو. هن قسم جا پاڪستان ۾ ڪيترائي ماڳ آهن، جن تي جبل ۾ سڌن پاهڻي تختن تي اڪيريل قديم لکتن جو ڪم ملي ٿو. خاص طور تي پشاور، صوابي ۽ سوات دير واري پاسي جبلن تي اڪير جو ڪم ٿيل آهي. آلچن کان سواءِ پروفيسر احمد حسن داني بہ هنن لکتن تي گهڻو لکيو آهي. کيرٿر جبل ۾ موجود اهڙين لکتن تي محترم بدر ابڙي جو ڪتاب ’کيرٿر ۾ چٽسالي‘ انهيءَ ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. ان کان سواءِ ذوالفقار ڪلهوڙي ۽ اشياق انصاري بہ هنن لکتن جو اڀياس ڪري پنهنجا رايا ڏنا آهن.
اهڙن ماڳن ۾ جمال ڳڙهي، اسوٽا، هند (Hund)، گنگودر، عزيز ڍيري، ميکا (Mekha)، سندا، شفيع آباد، نورائي، نورا باز ڪاڪا، اشيريا سنڌ جو ڪوهستاني علائقو وغيرہ ۾ 300 کن ماڳ لڌا ويا آهن. شھباز ڳڙهي ماڳ جي خصوصيت اها آهي تہ هن هتي اشوڪ اعظم جا فرمان، جيڪي هن پنھنجي دور ۾ مختلف هنڌن تي اڪيرايا هئا سي انداز ۾ 14 آهن، ملن ٿا.