شهدادپور

شهدادپور

شھدادپور

شھدادپور: هي شھر هن وقت ضلعي سانگهڙ ۾ تعلقي هيڊڪوارٽر جي حيثيت سان موجود آهي. حوالن موجب هي شھر 1715ع- 1713ع (1128ھہ- 1125ھہ) دوران مير شھداد خان ٽالپور ولد مير هوتڪ خان اڏايو هو. شھر جو محل وقوع اتر-اوڀر 67 64' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 51 27' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي آهي، هن شھر کي ميونسپالٽيءَ جو درجو مليل آهي. منجهس پوليس ٽريننگ ڪاليج، تعليمي ڪاليج، هاءِ اسڪول، هنري اسڪول، واپڊا آفيس، روينيو آفيس، پبلڪ لائبرري، پبلڪ پارڪ ۽ وڏا ديني مدرسا آهن. هي شھر چئن يونين ڪائونسلن ۾ ورهايل آهي. ريلوي اسٽيشن جي ڪري وڏي رونق متل هوندي آهي. شھر نواب شاھہ، هالا، ڀٽ شاھہ، ٽنڊو آدم، جهول، سانگهڙ ۽ سنجهوري سان روڊ رستي ڳنڍيل آهي. تاريخي ۽ قديمي ماڳ ’منصوره‘ (برهمڻ آباد) شھر جي ڏکڻ اوڀر ۾ 19 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. شاھہ لطيف جي مزار صرف ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ڪنهن دور ۾ سنڌو درياھہ هتان وهندو هو. درياھہ جي ڪپ تي ’سهڻيءَ‘ جي مزار ۽ شھر جي وچ ۾ ‘ميهار’ جي مزار آهي. شھر جي آسپاس ۾ ميرن جا آثار آهن.


لفظ شھدادپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو