
شهدادڪوٽ جي شهر جو ڏيک

شهدادڪوٽ جو مکيه رستو
شھدادڪوٽ (شھر): شهدادڪوٽ، گڏيل طور ’قنبر- شھدادڪوٽ‘ ضلعي ۽ تعلقي جي حيثيت رکندڙ آهي. هيءُ شھر اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ''00'9067 ۽ اتر ڊگهائي ڦاڪ ''00'8527 تي مشتمل لاڙڪاڻي شھر جي اتر اولھہ ۾ 44 ڪلوميٽر ۽ قنبر جي اتر ۾ 32 ڪلوميٽرن تي آباد آهي. 2013ع جي انگن اکرن موجب هن شھر جي آبادي 183382 جي لڳ ڀڳ هئي. هن شھر جو بنياد ارڙهين صديءَ جي شروع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي (1701-1719) جي ايامڪاريءَ دوران شھداد خان کهاوڙ وڌو، جيڪو ڪلهوڙا دور ۾ فوجي جرنيل هو. هن شھر جو پراڻو نالو شھدادپور هو، جنهن کي 1922ع ۾ بدلائي شھدادڪوٽ ڪيو ويو.
شھدادپور (شھدادڪوٽ) کي 1883ع ۾ خانبهادر سرائي پير بخش خان کهاوڙ (اول) جي ڪوششن سان تعلقي جي حيثيت ڏني وئي. تن ڏينهن ۾ هيءُ شھر تعلقي جي حيثيت سان ضلعي ۽ سب ڊويزن جيڪب آباد ۾ شامل هو. 1931ع ۾ هن تعلقي کي جيڪب آباد کان ٽوڙي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. شھدادڪوٽ تعلقي کي 1970ع ۾ سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو. هن سب ڊويزن ۾ ٻہ تعلقا شھدادڪوٽ ۽ ميروخان شامل ڪيا ويا. شھدادڪوٽ سب ڊويزن جو پهريون اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ سب ڊويزنل مئجسٽريٽ علي محمد شيخ هو. 5 جولاءِ 2005ع تي قنبر-شھدادڪوٽ ضلعي جو قيام عمل ۾ آيو تہ هن تعلقي ۽ سب ڊويزن کي لاڙڪاڻي ضلعي مان ڪڍي گڏيل طور قنبر-شھدادڪوٽ ضلعو ڪيو ويو. ضلعي جو هيڊڪوارٽر قنبر ۾ آهي. شھدادڪوٽ ۾ 4 يونين ڪائونسلون، 2 روينيو سرڪلون، 7 تپا ۽ 62 ديهون آهن. شھدادڪوٽ 125283 ايڪڙن جي ايراضي والاري ٿو.
شھدادڪوٽ جو شھر مجموعي طور چئن ڀاڱن تي مشتمل آهي. جنهن جو هڪ ڀاڱو شھر جي مرڪز ڪوٽو موٽو چوڪ کان ڏکڻ طرف، شھر جو ٻيو ڀاڱو اتر طرف، شھر جو ٽيون ڀاڱو اولھہ طرف جنهن ۾ ڊرٻ محلو، تقي شاھہ محلو، ڪچي آباد شامل آهن. جڏهن تہ شھر جون چوٿون حصو ان چوڪ کان اوڀر طرف شيخ محلو، شاهي بازار، درگاھہ صديقيه، هندو محلو، هيرآباد محلو، ريلوي لائين، باقر آباد وغيرہ شامل آهن. انگريزن جي دور ۾ 1887ع ۾ هن شھر ۾ پرائمري اسڪول جو بنياد پيو ۽ ساڳئي سال شھر کان ٻاهر ٿاڻو بہ ٺاهيو ويو. هن شھر جي ارد گرد ڳوٺن جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ چار ڪئنال وهن ٿا. جن ۾ (1) کيرٿر ڪئنال،(2) سيف ﷲ مگسي برانچ، (3) شھدادڪوٽ برانچ ۽ (4) ڏاتي جي ڪور شامل آهن. مٿين ڪئنال مان هيٺيون شاخون نڪرن ٿيون: گل شاھہ شاخ، ڀٽا مائينر، سونهارو ڊسٽري، ڪلهوڙا مائينر، ڊرگ مائينر، سنجر ڀٽي، مقصودو مائينر، مستوئي ڊسٽري، ٽانوري ڊسٽري، نور پور ڊسٽري، عيدن مائينر، مراد مائينر، چونڪي مائينر، چونڪي ڊسٽري، گنداخا ليفٽ ۽ رائيٽ، پتوجا ڊسٽري، قبو ڊسٽري، شهبيگ ڊسٽري، ربيع ڊسٽري، ڍوري ڊسٽري، شاهن مائينر، ميهل مائينر شامل آهن. 1922ع ۾ ريل جي پٽڙي وڇائي هن شھر کي سهوليت ڏني وئي. 1942ع ۾ ٻوڏ اچڻ سبب هي سمورو شھر پاڻيءَ هيٺ اچي ويو. جنهن سبب ڪيترو ئي جاني توڙي مالي نقصان ٿيو. 1948ع ۾ درياھہ جو بند ٽٽو، تہ وري هيءُ شھر پاڻيءَ جي لپيٽ هيٺ آيو. هيءُ شھر لاڙڪاڻي کان 51 ڪلو ميٽر ۽ قنبر کان 32 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.
شھدادڪوٽ شھر هڪ واپاري شھر آهي. هن شھر ۾ اناج ۽ سبزيءَ جي وڏي منڊي آهي. هتان کان چانور، ڪڻڪ، چڻا، بصر ۽ ٽماٽو وغيرہ وڏي مقدار ۾ ٻاهر موڪليو وڃي ٿو. هن شھر ۾ هڪ پراڻي شاهي بازار آهي، جتي عام شين جا دڪان آهن. شھدادڪوٽ ۾ هٿ جو هنر بہ عام آهي. هن شھر ۾ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڪوششن سان 1970ع ۾ ڪپڙي جي هڪ وڏي مل جو بنياد پيو، جيڪا مل 1988ع ۾ باقاعدہ شروع ڪئي وئي. هيءَ مل ان وقت اٽڪل 56 ڪروڙن روپين جي لاڳت سان ٺھي راس ٿي. هن مل ۾ اٽڪل 25000 اسپينڊل آهن جتي 3000 مزدورن جي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي. بعد ۾ خسارو ڄاڻائي هيءَ مل پنجاب منتقل ڪئي وئي. هن شھر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي قديمي آثار موجود آهن. شھدادڪوٽ جي اولھہ ڏکڻ ۾ بگو دڙو، بگي ڳوٺ، اولھہ ۾ غفور شاھہ جو دڙو، اتر ۾ سون ٿرڙو وغيرہ واقع آهن. جن جي ڪا کوٽائي وغيرہ ناهي ٿي. هن شھر ۾ سول ڪورٽ، پوليس اسٽيشن، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج، گرلز ڊگري ڪاليج کان سواءِ ڪيترائي هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول آهن. هن شھر مان ڪيترائي سياستدان چونڊجي اسيمبلين ۾ آيا آهن. جن ۾ نواب محبوب علي خان مگسي صوبائي ميمبر 1970ع، نواب سيف ﷲ مگسي، نوابزاده مير نادر مگسي، نوابزاده مير عامر خان مگسي، سلطان کهاوڙ، رئيس خدا ڏنو چانڊيو، محمد شاهد ڀٽو، رميش لال موٽواڻي، نور نبي جوڻيجو وغيرہ قابل ذڪر آهن. هن شھر جي سياسي، ادبي ۽ ديني شخصيتن ۾ مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي، ميان ڏاتو کهاوڙ، قائم خان شيخ، وينا شرنگي، علي دوست صابر، گل محمد شاھہ، زيب مگسي، عبدالله شاھہ اطهر، ضمير کرل، سرائي قربان کهاوڙ، احمد علي صابر، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، علي احمد چانڊيو وغيرہ قابل ذڪر آهن. هن شھر ۾ چانڊيا، ٻرڙا، سيد، مگسي، شِيخ، چنا، ميمڻ ۽ هندو برادريءَ جون ڪيتريون ئي ذاتيون ر هن ٿيون.