شھداد خان ٽالپر اول: سنڌ جي تاريخ ۾ ٽالپرن مان سڀ کان پهريون نالو مير شهدادخان ٽالپر اول جو، ميان يار محمد خان ڪلهوڙي جي دؤر ۾ ملي ٿو. مير شھداد خان ابن مير هوتڪ خان ابن مير سليمان خان ابن مير شاهو خان مشھور ٽالپر سردار ٿي گذريو آهي. هي اڃا ننڍو هو تہ سندس والد فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ سندس پرورش سندس چاچي مير صوبدار خان ڪئي، پر ترت ڪجهہ اختلافن سبب پنھنجي چاچي کي ڇڏي ميان يار محمد خان ڪلهوڙي وٽ آيو، جنهن منجهس سرداريءَ جون سموريون لياقتون ڏسي کيس پاڻ وٽ رکيو ۽ اڳتي هلي ميان يار محمد کيس ‘برخوردار’ جو لقب ڏئي پنھنجي لشڪر جو سپھہ سالار مقرر ڪيو.
سنڌ جي تاريخ ۾ هي مشھور روايت آهي ته، ميان يار محمد جي عھد ۾، ملتان جي هڪ امير شاھہ محمد پٽ غازي خان ديره جات يعني ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان تي ڪاھہ ڪري فساد مچايو، ان وقت 1113ھہ/ 1701ع ۾ مغل شھزادو معزالدين بکر ۽ ملتان مان ٿيندو پنجاب ۾ آيو. جتي هن مير شھداد خان کي فساد ختم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. مير شھداد خان وڏي بهادريءَ سان شاھہ محمد جي فساد کي ختم ڪري امن قائم ڪيو، جنهنڪري مغل شھزادو معزالدين مٿس مهربان ٿيو ۽ کيس پٽ باران واري جاگير عطا ڪيائين. هن کي چار پٽ: ڄام نندو خان، مير چاڪر خان، مير بھرام خان ۽ ميرو خان پيدا ٿيا. هنن چئني ڀائرن مان فقط مير خيرو خان لاولد فوت ٿيو. مير شھداد خان جي ٺٽي جي نواب سيد لطف علي رضوي ‘همت’ سان خاص دوستي هئي. تنهن کان سواءِ سنڌ جو مشھور صوفي بزرگ شاھہ عنايت شھيد بہ سندس گهڻي عزت ۽ تڪريم ڪندو هو ۽ هي ٻئي پاڻ ۾ سنڍو هئا.
مير شھداد خان، پَٽ باران ۾ مغلن خلاف جهيڙيندڙ قبيلن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان ڪري دهلي درٻار ۽ صوبي ٺٽي جي مغل عملدارن هن جي گهڻي همت افزائي ڪئي. ابتدا ۾ پاڻ جهوڪ واري بزرگ شاھہ عنايت جو معتقد هو. بعد ۾ حالتون تبديل ٿيون تہ صوفي شاھہ عنايت جي خلاف سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. مغلن ۽ ڪلهوڙن سان گڏ مير شھداد خان به، صوفي صاحب کي دوکي سان مارائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي واقعو 1130ھہ/ 1718ع ۾ پيش آيو. ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جي دور ۾، مير شھداد خان اهم فوجي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان ڪري ڪلهوڙا حاڪمن هن کي ‘برخوردار’ جو لقب ڏنو، جو تمام گهٽ ماڻهن کي حاصل ٿيو.
مير شھداد خان ٽالپر جو اولاد اڳتي هلي سنڌ جو حاڪم بڻيو. مير شھداد خان 1147ھہ/ 1734ع ۾ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي دور ۾ وفات ڪئي. سندس قبو سانگهڙ ضلعي ۾ شاھہ پور چاڪر جي قريب آهي. (سجاڳ سانگهڙ، ص 49)