شھداد خان کوسو: شھداد کوسو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي حامي کوسا سردارن منجهان هو، غالبن جڏهن ميان نصير ڇنيءَ تي قبضو ڪيو هو، تڏهن شھداد کوسو ساڻس گڏ هو ۽ قبضي کانپوءِ علائقو سندس حوالي ڪيو هئائين. گولي فقير کوسي ۽ بشام فقير کوسي جي خاندان سان سندس تعلق ٿي سگهي ٿو. شھداد کوسي ڇني ۾ رهائش دوران ڇني کان الهندي ٽڪريءَ تي ڳوٺ ٻڌو جيڪو شھدادپور جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. ڪن روايتن موجب شھداد کوسي جي ڇنيءَ ۾ قيام سبب ڳوٺ ڇنيءَ جو نالو شھدادپور رکيو ويو. جڏهن هن علائقي ۾ کوسن جو شور برپا ٿيو هو، تڏهن غالبن شھداد کوسي غازي شاھہ عرف گاجي شاھہ جو ساٿ ڏنو هو، سندس مقبرو ڇني کان الهندي ٽڪريءَ تي اڄ بہ موجود آهي.