شهداد فقير لانگاهه جي مزار

شهداد فقير لانگاهه جي مزار

شھداد فقير لانگاھہ

شھداد فقير لانگاھہ: شھداد فقير لانگاھہ، ڪلهوڙا حڪمران ميان يار محمد ڪلهوڙي جو بھادر سپھہ سالار ۽ خاص ماڻهن مان هو. هيءُ فوجي خدمتون سرانجام ڏيڻ کان سواءِ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حويليءَ تي پاڻي بہ ڀريندو هو. ڪن روايتن ۾ ڄاڻايل آهي تہ شھداد فقير ۽ صوفي شاھہ عنايت پاڻ ۾ سڳا سئوٽ ۽ سالا ڀيڻويا هئا. پر مستند ڪتابن ۾ اهڙي شاهدي نٿي ملي. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، شاھہ عنايت جي شادي ملتان جي لانگاهن مان ڄاڻائي آهي. شھداد فقير، صوفي شاھہ عنايت ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي وچ ۾ ٿيل جنگ جي صلح ۾ پڻ حصو ورتو. شھداد فقير لانگاھہ 1156ھہ/ 1743ع ڌاري وفات ڪئي.
سندس تربت خداآباد، ضلعي دادوءَ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي ٻاهران ڏکڻ پاسي ۾ آهي، جيڪا پٿرن سان ٺهيل آهي. شھداد فقير لانگاھہ جي نالي واري تختي پٿر تي اڪريل سندس پيرن کان لڳل آهي، جيڪا هن ريت لکيل آهي:
روز يکشنبه، تاريخ چهارام،
ماھہ جمادالثاني، 1156ھہ/1743ع،
مرحوم و مغفور شھداد فقير لانگاھہ
جان بحق تسليم نمود
اڳئين پاسي کان ڪلموشريف اڪريل آهي. پاسن کان آيت الڪرسي ۽ قرآني آيتون اڪريل آهن. صرف ٿوري جڳھہ تي جنهن قبر تيار ڪئي ۽ چٽسالي ۽ پٿر تي اڪر جو ڪم ڪيو، تنهنجو نالو حبيب رهندڙ ٺٽو، فارسيءَ ۾ لکيل آهي.


لفظ شھداد فقير لانگاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو