شھرالله قريشي، بڪيرائي: پير قريشي بڪيرائي'>شھرالله قريشي بڪيرائي حضرت شيخ بھاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد مان هو ۽ سنڌ ۾ اچي پير فاضل شاھہ وٽ بڪيرا شريف ۾ رهيو. پهرين پير فاضل شاھہ ۽ پوءِ پير شھرالله ٻئي سنڌ ۾ ڏهين صدي هجري/ سورهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ اچي بڪيرا شھر ۾ آباد ٿيا هئا.
بزرگن جي اولاد ۽ نيڪ سيرت انسان هئڻ سبب پير فاضل شاھہ کيس پنھنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏئي پرڻايو. پير فاضل شاھہ جي وفات کانپوءِ سندس وصيت موجب درگاھہ بڪيرا شريف جو گادي نشين ٿيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ هن وڏي مقام واري بزرگ پنهنجين ڪرامتن سان شھرت حاصل ڪئي ۽ آمريءَ وارو وڻ ساڳي نموني پنھنجي سلسلي جي خادمن جي حوالي رکندو آيو. هن بزرگ کي شاھہ سراج الدين ۽ شاھہ قائم الدين نالي ٻہ فرزند ٿيا. سندس وفات کانپوءِ سندس فرزند قائم الدين گاديءَ تي ويٺو، جيڪو لاولد فوت ٿي ويو. ان کانپوءِ سندس ٻيو فرزند سراج الدين گاديءَ تي ويٺو.
‘تحفة الڪرام’ ۽ ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ ۾ ڄاڻايل آهي ته، “پير شھرالله بڪيرائيءَ جي پٽ پير سراج الدين جو صوفي شاھہ عنايت شھيد جي شهادت ۾ پڻ وڏو هٿ هو. پير سراج الدين ان زماني ۾ دهليءَ ۾ هو ۽ هن ئي بادشاھہ فرخ سير کي صوفي شاھہ عنايت جي خلاف ڀڙڪايو هو.”