
شهروز سبزواري
شھروز سبزواري : فلم ۽ ٽي. وي جو نوجوان اداڪار ۽ ماڊل شھروز سبزواري, 13 آگسٽ 1985ع تي نامياري اداڪار بهروز سبزواري جي گهر ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هي اداڪار جاويد شيخ ۽ سليم شيخ جو ڀاڻيجو آهي. سندس تعلق هڪ فنڪار خاندان سان هئڻ ڪري کيس فن ورثي ۾ مليو. جنهن جو هن ڀرپور اظهار ٽي. وي جي مختلف ڊرامن ۾ اداڪاري ذريعي ڪيو آهي.
هن مختلف چئنلز تي جيڪي ڊراما، ڪيا تن ۾ ‘انا’، ‘مامتا’، ‘بدتميز’، ‘ڪڇھہ دل ني ڪھا’، ‘ڊونٽ جيلس’، ‘يه زندگي هي’، ‘تنهائيان’، ‘نئين سلسلي’، ‘بلو’، ‘ببلو’، ‘اينڊ ڀيا’، ‘نني’، ‘درد آشنا’، ‘ڀول’، ‘آھستہ آھستہ’، ‘ڪهاني رائما اور مناحل ڪي’، ‘وني’ ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور ڊراما شامل آهن. ان کانسواءِ هن ٽيلي فلم ‘شريڪ حيات’ ۽ ‘کلي آسمان ڪي نيچي’ ۾ اداڪاري ذريعي ڏسندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. جڏهن تہ اڄڪلھہ فلم ’ڪولاچي‘ ۽ هڪ انڊين فلم ‘لوَ اسٽوري’ جي فلمبنديءَ ۾ مصروف آهي.
شھروز 21 آڪٽوبر 2012ع تي مشھور اداڪارہ ۽ ماڊل ساره يوسف سان شادي ڪئي. هي هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
1985.08.13 عيسوي
شهروز سبزواري, 13 آگسٽ 1985ع تي نامياري اداڪار بهروز سبزواري جي گهر ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.