شهرو فيروز

شهرو فيروز

شھرو فيروز

شھرو فيروز (فلم): شاھہ ڀٽائي فلمز پاران پيش ڪيل هيءَ فلم 1968ع ۾ رليز ٿي، هيءَ فلم مشھور رومانوي داستان شھرو فيروز تي آڌاريل هئي. فلم جو هدايتڪار شيخ حسن، موسيقار غلام علي، فلمساز خادم بلوچ هو. اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، ماھہ پاره، احمد علي، شيخ حسن، شاڪر بلوچ ۽ ٻيا شامل هئا. هيءَ فلم پيلس سئنيما، ميرپور خاص، نشاط سئنيما، حيدرآباد، ريڪس سئنيما، ٽنڊي آدم ۾ ڏيکاري وئي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ قيصر سئنيما، ڪراچيءَ ۾ هن فلم جي سلور جوبلي بہ ٿي، هيءَ فلم سنڌ آرڪائيو ۾ شامل ڪري سگهجي ٿي.


لفظ شھرو فيروزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو