
شهريار خان مهر
شھريار خان مھر: پاڪستان مسلم ليگ (ق) جو اڳواڻ، محمد شھريار مهر، نامياري سياستدان غوث بخش خان مھر جو فرزند آهي. هن 6 فيبروري 1976ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شھريار مھر پاڪستان ملٽري اڪيڊميءَ مان گريجوئيشن ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪئي آهي. عملي زندگيءَ جو آغاز هن پاڪ فوج ۾ ڪميشن ذريعي سيڪنڊ ليفٽيننٽ طور 1996ع ۾ ڪيو ۽ 2002ع ۾ ڪيپٽن جي عهدي تان استعيفا ڏئي ٻيهر زمينداريءَ سان وابستہ ٿيو ۽ پوءِ والد جي نقشي قدم تي هلندي سياسي طور سرگرم ٿيو.
شھريار خان مھر 2013ع واري عام چونڊن ۾ ق ليگ جي ٽڪيٽ تان پي. ايس 10 شڪارپور اولڊ 2 واري تڪ تان ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. هي سنڌ اسيمبليءَ ۾ قائم صنعت، تجارت، مائينز ۽ منرل ڊولپمينٽ، گهرو کاتي، ايريگيشن ۽ پاور شعبن جي اسٽيڊنگن ڪاميٽين جو ميمبر پڻ رهيو آهي. شھريار مھر اپوزيشن جماعتن سان گڏ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مختلف مسئلن تي آواز اٿاريندو رهيو آهي. ڪجهہ عرصو اڳ کيس فنڪشنل ليگ ۽ ٻين مخالف ڌر جي جماعتن پاران اپوزيشن ليڊر لاءِ بہ نامزد ڪيو ويو هو.
1976.02.06 عيسوي
شهريار خان مهر 6 فيبروري 1976ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.