شھريت (Citizenship) : شھريت کي انگريزي ٻوليءَ ۾ (Citizenship) ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. ڪنهن بہ ملڪ ۾ مستقل طور رهندڙ مقامي ماڻهوءَ کي ان شھر يا علائقي ۾ رهڻ جي اختيار کي ‘شھريت’ سڏيو ويندو آهي. شھريت انساني زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ جو علم آهي، جنهنڪري شھريت کي هر قدم کڻندي گذريل واقعن جو نوٽس وٺڻو پوي ٿو ۽ تجربو پڻ ڪرڻو پوي ٿو. تاريخ کي ‘شھريت جي ليبارٽري’ بہ ڪري سڏيو وڃي ٿو. شھريت عوام جي بهتري ۽ سماجي ترقيءَ جو بہ علم آهي. جڏهن تہ تاريخ زماني جا گذريل واقعا ڏيکاري انهن جي نتيجن سان شھريت جي علم ۾ اضافو آڻيندي آهي ۽ ان سان تعمير ۽ سڌارن لاءِ بهتر طريقو اختيار ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي.