شهر جي ڳالهه

شهر جي ڳالهه

شھر جي ڳالھہ

شھر جي ڳالھہ (ڪتاب): هي ڪتاب برک ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اڪبر سومري جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ضياءَ الحق جي مارشل لا واري دور جي پس منظر ۾ ڀارتي صحافڻ ڇوڪريءَ ۽ هڪ سنڌي نوجوان جي وچ ۾ عشق تي مشتمل آهي. هي ناول رومانس سان گڏ ضياءُ الحق جي ڊراڪولائي دور جي ڪاري باب تان پردو کڻي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ ايم. آر. ڊيءَ سميت مختلف عقوبت جو نهايت ئي سليس نموني هڪ ڪهاڻيءَ واري انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب جا ٻہ اکر ليکڪ پاڻ لکيا آهن. هن ڪتاب جي ارپنا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو کي ڪيل آهي. هي ناول 42 ننڍڙن عنوانن ۾ ورهايل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ببليوگرافي ڏنل آهي. 232 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 10 مارچ 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1998ع ۾ ڇپيو. پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 252 روپيا آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي تصوير سان سندس تعارف ۽ لکيل ڪتابن جو تفصيل سنهري رنگ جي اکرن سان ڏنل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2009.03.10  عيسوي

شهر جي ڳالهه ڪتاب کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 10 مارچ 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رهاڻ هيرن کاڻ 9
دنيا جي نئين طبعي ۽ ملڪي جاگرافي
انيس العاشقين عرف معجزات محمدي
برٽش شهنشاهيت جي مختصر تاريخ
تاريخي قطعات
اشرف العلوم1
عالمي افسانا ڪتاب
احسن الاشعار
تاريخ جا اڏيندڙ
پرھہ جو پيغام
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون