
شهر روغان
شھر روغان: بلوچستان ۾ لسٻيلي کان 9 ميل اتر طرف، هڪ جابلو سلسلي ۾ شھر ٻيلي کان اتر اولھہ ۽ پورالي نديءَ جي ٻي پار هڪ شاهي ٽڪر ۾ کوٽيل انساني هٿن جون ٺهيل غارون آهن؛ جيڪي قدرتي ٽڪري کي پاڙ کان ٿورو مٿي ٽُڪي ٺاهيون ويون آهن. غار جي مُنهن تي پهچڻ لاءِ ڏاڪا ٺهيل آهن. هي غار گهڻو ڪري 15 فٽن جا کوٽيل ڪمرا آهن. ڪمري جي اتر طرف جارا ٺاهيل آهن، جن ۾ ڏيئا ٻاري روشني ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويندو هو. ڪمري جي اڳيان کليل ورانڊو ٺهيل آهي. وڏي ڪمري سان لڳولڳ ننڍو ڪمرو بہ ٺهيل آهي، جيڪو اناج جي گودام طور ڪم ايندو هوندو. ڪنهن سمي اُنهن ڪمرن کي چيڪي مٽيءَ جو ليپو بہ ڏنو ويندو هو. جنهن جا نشان ملن ٿا. جن ٽڪرين ۾ اهي غارون کوٽيل آهن. انهن بابت ڀونءِ وديا جي ماهرن جو خيال آهي تہ اهي لوڻاٺيون ٽڪريون آهن. شايد اِن سبب جي ڪري ڪمرن جي ديوارن تي نمڪيات جو سنهو تھہ ملي ٿو. مقامي روايتن مطابق هي گهر حضرت سليمان جي دور ۾ کوٽي ٺاهيا ويا هئا. هن ماڳ سان بديع الجمال جو روايتي قصو بہ منسوب ڪيو وڃي ٿو. هنن آثارن کي روغان شھر جا آثار بہ سڏين ٿا. روايتي طور هي گهر نما غار ديون ۽ پرين جا کوٽيل يا ٺاهيل چيا وڃن ٿا. هتي سيف الملوڪ جي قبر بہ آهي.