شھمير خان ڀنگوار: نامور شاگرد اڳواڻ خان ڀنگوار'>شھمير خان ڀنگوار جو جنم 3 نومبر 1940ع تي ڳوٺ فيض محمد ڀنگوار، تعلقي نوابشاھہ ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ ٿيو. هن بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاھہ ۽ ايل. ايل. بي لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. 63-1962ع ۾ نوابشاھہ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد وجهي صدر مقرر ٿيو. ڄام ساقي، يوسف لغاري ۽ ٻين دوستن سان گڏجي اي. اين. ايس. ايف جو بنياد وڌائين ۽ سنڌي شاگردن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ سندس ڪردار نهايت ڪارائتو رهيو. هن ون يونٽ جي خلاف ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجھد ڪئي. جنهن سبب ڪيترائي ڀيرا جيل جون عقوبتون برداشت ڪيائين. ون يونٽ خلاف هلايل تحريڪ دؤران سرگرميءَ سبب ڪوڙا کاڌائين. نوابشاھہ جو هيءُ واحد شاگرد اڳواڻ هو، جنهن ايوبي دؤر ۾ آمريت خلاف آواز اٿاريو ۽ ڪيترائي مظاهرا ڪرايا. هيءُ قاضي خالق، قاضي فيض محمد، رشيد شاھہ جي ويجهن ساٿين مان هو. هيءُ 1970ع تائين شاگرد تحريڪ ۾ رهيو، جنهن بعد ترقي پسند پارٽيءَ سان سلهاڙجي ويو پر ڪجهہ عرصي بعد پ پ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. جنهن جو ضلعي نوابشاھہ جو رابطا سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. خان ڀنگوار'>شھمير خان ڀنگوار پنھنجي ڳوٺ جي ماڻهن جي سماجي خدمتن ۾ ڪوشان آهي ۽ نوابشاھہ ۾ رهائش پذير آهي.
1940.11.03 عيسوي
نامور شاگرد اڳواڻ شهمير خان ڀنگوار جو جنم 3 نومبر 1940ع تي ڳوٺ فيض محمد ڀنگوار، تعلقي نوابشاهه ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ ٿيو.