شهمير سومرو

شهمير سومرو

شھمير سومرو

شھمير سومرو: نوجوان شاعر ۽ فنڪار شھمير سومري جو پورو نالو شھمير علي ولد حاجي علي گل سومرو آهي. هن پهرين آگسٽ 1976ع تي ڳوٺ سيد بچل شاھہ، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي (سنڌي ادب) آهي. شھمير سومري شاعريءَ جي شروعات 1993ع کان ڪئي، جيڪا وقت بہ وقت مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجندي رهي ٿي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ‘اکڙين جي ڀاڪر ۾’ ۾ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن تہ سندس شاعري سنڌ جي سريلن فنڪارن اقرار وحيد علي، غلام شبير سمي، عاشق نظاماڻي ۽ ٻين پنھنجي آواز ۾ آڊيو البم/ سي. ڊي توڙي ريڊيو تي ڳائي آهي. شھمير سومري جادوءَ جي فن جي شروعات 1989ع ۾ ڪئي. هن سنڌ جي نامياري جادوگر استاد محمد وارث کان جادوءَ جي فن جي سکيا ورتي ۽ 1989ع کان 1994ع تائين پنھنجي استاد سان گڏ پوري سنڌ ۾ ميجڪ شو ڪندو رهيو. 1994ع ۾ استاد جي وفات ٿي، جنهن بعد هي اڪيلي سر ميجڪ شو ڪرڻ لڳو. هن وقت تائين پاڪستان ٽيليويزن جي مختلف پروگرامن سميت پوري سنڌ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. گڏوگڏ ساڳئي فن ۾ هن پنهنجا ٻہ شاگرد طارق حسين جوڻيجو ۽ محمد دائم سومرو پڻ تيار ڪيا آهن. شھمير سومرو هن وقت لاڙڪاڻي شھر ۾ رهائش پذير آهي ۽ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي.


لفظ شھمير سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.08.01  عيسوي

شهمير علي ولد حاجي علي گل سومرو آهي. هن پهرين آگسٽ 1976ع تي ڳوٺ سيد بچل شاهه، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امر پيرزادو
شاهين سنڌي
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي
حاجي نور محمد شاھہ نورل
ثابت علي شاھہ ڪربلائي
تابش دهلوي
احساس ميرل
اظهر ريلائي
مراد علي شر
زاهد ڪنڀار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون