شھمير شاھہ ‘شھيد’، سيد : سيد شھمير شاھہ جو شمار ٻارهين صدي هجريءَ جي صاحب ڪرامت بزرگن ۽ ڪامل اوليائن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ متعلوي سادات جي جراڙپوٽا خاندان مان هو. ننڍپڻ کان ئي ﷲ لوڪ هوندو هو. ڪيتريون ڪرامتون ساڻس منسوب آهن.
ڪتاب ‘ٽکڙ '>تذڪره شعراءِ ٽکڙ ’ ۾ سيد شھمير جي باري ۾ هن طرح لکيل آهي ته، شھمير شاھہ کي سندس مرشد ارشد ميان سيد حاجي شاھہرحه جي حڪم تي درياھہ رستي لاڙ ۾ آيو ۽ اتي ئي پنهنجو ڳوٺ وسين شھمير شاھہ يا شهميراڻي وسين جي نالي سان ٻڌائين. ٻي روايت موجب ديھہ هٽڙيءَ ۾ شھمير شاھہ ۽ سندس ڀائرن جي زمين هئي. انهيءَ زمين ۾ سندس راڄ جا ٻيا بہ ڪي سيد ڀائيوار هئا، هڪڙي ڏينهن شھمير شاھہ گهر کان ٻاهر ويل هو ۽ اهي ڀائيوار سيد سندس امڙ وٽ آيا ۽ کانئس سندس زمين جو حصو بخشائي ورتائون. جڏهن شھمير شاھہ گهر آيو تڏهن اهو احوال ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيس، پوءِ ماءُ جي چوڻ تي لاڙ ۾ آيو. جتي کيس ڪجهہ ناڻي ساڻ ۽ ڪجهہ مفت زمين ملي، ٿوري وقت کان پوءِ سندس ڀائر پڻ مٽيارين مان لڏي اچي وسين شھمير شاھہ ۾ ويٺا، آهستي آهستي ڳوٺ وڌندو ويو ۽ مٽيارين مان ڳنڀير، کٽي، ميمڻ، شيدي، گولا ۽ واڻيا پڻ چڱي تعداد ۾ لڏي اچي آباد ٿيا.
سنڌو درياھہ ۾ چاڙھہ جي ڪري وسين شھمير شاھہ ڳوٺ بچي نہ سگهيو، جنهن ڪري وسين شھمير شاھہ جي رهاڪن ٽپڙ کڻي درياھہ کان ميل کن پري نئون ڳوٺ ٻڌو، انهيءَ ٻئي ڳوٺ کي بہ شھمير شاھہ جي نالي سان سڏيو ويو، پر جيئن تہ ڳوٺ کي ٽن طرفن کان پاڻي ڦري آيو، انهيءَ ڪري ان کي شهميراڻي وسين سان گڏ ٽکڙ پڻ سڏڻ لڳا. حاجي محمد صادق شيخ (مٽيارين وارو) کان روايت آهي تہ سنڌي ڄام مسجد مٽياري ويجهو واري جاءِ ۾ سيد شھمير شاھہ جي کروٿ (ننڍڙي مسجد) هوندي هئي، کيس ٽالپرن جي دور ۾ تاريخ 9 محرم الحرام سن 1232ھہ/1816ع ۾ ٽکڙ ۾ شھيد ڪيو ويو، جتان کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي دفن ڪيائون. سندس تبرڪات مان پڳ ۽ جُتي (چاکڙي) سيد فضل علي شاھہ مرحوم باقيل پوٽي وٽ ڪنهن وقت موجود هئي، جڏهن تہ سندس لٺ جامع مسجد مٽياريءَ ۾ رکي وئي هئي.