شهنائي

شهنائي

شھنائي

شھنائي: شرناءِ جهڙو ئي، پر وڄت ۾ مختلف ساز آهي. هن جي ڊيگهہ 28 س. م کان 42 س. م ٿئي. شرناءِ کان ٿولھہ ۾ ڪي قدر وڏو آهي. چڪوال ۾ پتل جو ’سرڻو‘ استعمال ٿئي، جنهن کي ‘ناشو’ چون. گلگت ۽ بلتستان ۾ ’توتڪ‘، سرحد ۾ ‘سرڻو’، پنجاب ۾ ‘ٽوٽو’ ۽ ‘تري’ ڪوٺجي ٿو. شھنائي سو سال پراڻي ٻٻر، املتاس يا ڪرڙ جي ڪاٺيءَ مان ٺهي، جنهن کي سڌائي ۾ اٺ سوراخ ٿين ۽ هيٺان هڪ سوراخ الڳ جنهن کي ’ٻاٻيهو‘ چون. هي گول ٿئي. مُنهن وٽ توتاري ڪنهن سخت گاھہ يا اڄ ڪلھہ پلاسٽڪ جي ٺهيل ۽ لڳل هوندي آهي. اها ’توتاري‘ جنهن کي ’تُري‘ بہ چون مخصوص گاھہ مان بہ ٺهندي آهي، جيڪو صرف ان مقصد سان اتر پرديش، هندستان ۾ پوکيو وڃي ٿو. شھنائي ڦوڪ جو ساز آهي. ڀُوڪر ڏئي توتاري مان آواز ڪڍي نليءَ ڏي موڪلبو آهي ۽ سِڌُ وارن سوراخن تي آڱريون رکي مختلف آواز ڪڍبا آهن. هن مان هلڪي ڦلڪي موسيقي يا اَس جا سر نڪرندا آهن ۽ گيت بہ ڪڍي سگهبا آهن. آواز ۾ سنڌي شرناءِ کان مختلف آهي. آواز ٿلهو ۽ ڀڀڪيدار هوندو اٿس. بسم ﷲ خان، زوار بسنت جھڙا وڏا فنڪار هن مان راڳ راڳڻي بہ ڪڍندا هئا. برِصغير ۾ شهنائيءَ جو استاد وڄائڻ وارو بسم ﷲ خان هو. هن ان ۾ ڪمال ڪيو. شرنائي وڄائڻ ۾ صرف ڦوڪ جو ڪمال رکيل هوندو آهي. هن کي شرناءِ، شھنائي ۽ ڪرناءِ بہ چوندا آهن. پر ٿورو ٿورو فرق سڀني ۾ آيو. ايران جو ترمپيٽ (Trumpet) يا مغربي ڪلارين هن ڪٽنب جا ساز آهن. هن ساز لاءِ مختلف نظريا گردش ڪري رهيا آهن. ڪن جو چوڻ آهي تہ هيءَ ساز اصل ۾ ايران جو آهي ۽ ’بو علي سينا‘ ان جو موجد آهي. هيءَ بانسري (Flute) جي هڪ صورت سمجهڻ گهرجي، جيڪو اڄ کان هزارين سال اڳ لڌو ويو هو. مغلن جي دؤر ۾ چون ٿا تہ ايران کان هِت پهتو. هن کي ٽوٽاگزي ۽ آدگزي ڪري بہ چوندا آهن. مکاويڻا، موهري مڌوڪاري، نفيري، سُندري ۽ سرناٽي بہ هن ساز جا مختلف علائقن ۾ نالا آهن. ‘آئينِ اڪبريءَ’ ۾ هن ساز کي شھنائي جي نالي سان سڏيو ويو آهي.


لفظ شھنائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو