
شهناز شيخ
شھناز شيخ: خيرپور ضلعي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ شھناز شيخ خيرپور جي فيض آباد ڪالونيءَ ۾ جنم ورتو. هن وومن ڪاليج خيرپور مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس والد امام بخش شيخ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي ڪارڪنن مان هو ۽ ٽي دفعا ڪائونسلر پڻ چونڊيو ويو هو. شھناز شيخ، ذوالفقار علي ڀُٽي جي شخصيت کان متاثر ٿي 1988ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 1995ع کان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ تعلقي خيرپور جي صدر آهي. شھناز شيخ نہ رڳو هڪ سياسي ڪارڪن آهي، پر هوءَ هڪ سماج سڌارڪ ۽ سٺي نثر نويس ۽ شاعرہ پڻ آهي. شھناز شيخ جا سنڌ جي مختلف مسئلن تي ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون ڇپجندا رهن ٿا.
هڪ سماج سڌارڪ هجڻ جي حوالي سان هيءَ احساس وومين ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن، خيرپورميرس جي باني ۽ صدر آهي. جنهن ۾ تقريبا ً چاليھہ کان وڌيڪ عورتون پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪن ٿيون. هن جو عورتن جي مسئلن تي وڌيڪ ڪم رهيو آهي. شھناز نہ صرف پنھنجي علائقي ۾ پر پوري سنڌ ۾ عورتن جي اجتماعي مسئلن تي ڀرپور جاکوڙ ڪندي رهي آهي. شھناز شيخ ۽ سندس قائم ڪيل سماجي تنظيم 2010ع واري ٻوڏ ۽ 2011ع واري برسات جي نتيجي ۾ ٿيل تباهيءَ وقت متاثرن کي امداد، علاج، رهائش، کاڌو ۽ ٻيون ضرورت جون شيون مهيا ڪيون. اهڙيءَ طرح هيءَ پيپلز پارٽيءَ ۾ رهندي علائقي ۾ پنھنجي وس آهر فلاحي ڪم ڪري رهي آهي. خاص طور تي نياڻين جي پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ غريب شاگردياڻين جي ڪتابن، في ۽ يونيفارم فراهم ڪرڻ تائين پاڻ پتوڙيندي رهندي آهي ۽ ڪيترين ئي شاگردياڻين لاءِ اسڪالر شپون پڻ منظور ڪرايون اٿائين.