شهناز ڀٽي

شهناز ڀٽي

شھناز ڀٽي

شھناز ڀٽي: نامور اداڪارا شھناز ڀٽي، حيدرآباد جي ڀٽي ڳوٺ ۾ اڪبر ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد عمارتن جي تعميرات جو ٺيڪيدار هو. هن مئٽرڪ مرزا قليچ بيگ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ سان دلچسپي هئي. فلمن جي مشھور ليکڪ ۽ هدايتڪار اسماعيل بن واصف کان فلمن ۽ اداڪارن بابت ڳالهيون ٻڌي لطف اندوز ٿيندي هئي ۽ فلمي رسالا پڙهندي هئي. کيس اداڪاري ڪرڻ جو شوق بہ هو. جڏهن سندس مئٽرڪ جي رزلٽ آئي تہ گهر وارن خوشي ۾ گهر ۾ هڪ ننڍي تقريب جو انتظام ڪيو. ان تقريب ۾ هن والدين کي پنھنجي مستقبل جي فيصلي کان آگاھہ ڪيو، سندس خاندان ۾ ان وقت تائين ڪا بہ ڇوڪري اداڪاريءَ ۽ اسٽيج جي دنيا تائين نہ پهتي هئي، جنهنڪري سندس خاندان لاءِ اهو فيصلو نئون هو، پر سندس خواهش کي سڀني خوشيءَ سان قبولي ورتو. جنهن بعد اسماعيل بن واصف جي صلاح تي ريديو تي صداڪاري ڪري ڪم سکڻ لڳي ۽ سندس فني سفر جي شروعات ٿي. ريڊيو تي شيخ ابراهيم ۽ سڪندر بلوچ ساڻس بهتر تعاون ڪندي ڪيترائي پروگرام ڏنا. جڏهن شاھہ اسدجلال چانڊيو’ فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، تڏهن شھناز سان رابطو ڪري کيس هيروئن بڻجڻ جي آڇ ڪئي. جيڪا هن قبول ڪئي. اها فلم جڏهن رليز ٿي، ان وقت تائين ٻيون ڪيتريون ئي سنڌي فلمون ناڪام ٿي چڪيون هيون. پر هيءَ فلم ايتري تہ ڪامياب وئي، جو سنڌي فلم انڊسٽريءَ ۾ نئون ساھہ پئجي ويو. شھناز جي ان فلم جي اداڪاريءَ کي تمام گهڻو ساراهيو ويو ۽ کيس گهڻي شھرت حاصل ٿي. ان فلم کان پوءِ شھناز هڪ اڏاوتي ڪمپنيءَ جي مالڪ عبدالوحيد سان شادي ڪئي. سندس شاديءَ کان ڪجهہ مهينن بعد شاھہ اسد هڪ ٻي فلم ‘پرو’ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. شھناز ان فلم لاءِ اهو چئي انڪار ڪيو تہ ‘هو ماءُ بڻجڻ واري آهي’. ان بعد شاھہ اسد هڪ نئين ڇوڪري ‘پارو ’ کي پنھنجي فلم لاءِ ڪاسٽ ڪيو. ان بعد هن ڪيترين ئي ٻين ڇوڪرين جا انٽرويو بہ ڪيا، پر کيس ڪابہ ڪاميابي نہ ٿي سگهي. آخر ٻيهر شھناز سان رابطو ڪيو ويو تہ هن ڊليوري بعد فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري، جنهن تي سندس ڊليوري تائين فلم جي شوٽنگ روڪي وئي. سندس اها فلم تمام گهڻي ڪامياب وئي، فلمي دنيا ۾ کيس گهڻي موٽ ملي. ان کان پوءِ هن فلم ‘شھيد’ ۽ ‘جيئي لطيف’ ۾ بہ مرڪزي ڪرادار ادا ڪيو ۽ ان کان سواءِ اردو فلم ‘سب ڪي باپ’ ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. سنڌي فلمون ٺھڻ بند ٿيون تہ هن پي. ٽي. وي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڪيترن ئي اردو توڙي سنڌي ڊرامن ۾ مختلف ڪردار ادا ڪيا. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ سان بہ ناتو قائم رکيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو