
شهنيلا علي
شھنيلا علي: سنڌ جي مشھور گلوڪاره/ فنڪاره، شھنيلا علي ڌيءَ علي بخش سمون جو جنم پهرين سيپٽمبر 1982ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو، سندس اباڻو ڳوٺ کيبر، ضلعو مٽياري آهي. سندس والد پي. آءِ. آي ۾ ملازم آهي، ان ڪري هن والد سان گلشن حديد ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس تعليم ايم. اي آهي. شھنيلا علي پرائمريءَ ۾ پڙهڻ دوران ڳائڻ شروع ڪيو، پهريان موسيقار شاهد ڀٽي ۽ پوءِ محمد حنيف لاشاريءَ کان راڳ جي تربيت ورتائين. پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي هن جي مقبوليت جو سبب بڻي، ٽيليويزن تي هن سڀ کان پهريائين پروگرام ’پرک‘ ۾ ڳائڻ جي مقابلي ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ هن شاھہ سائينءَ جو ڪلام ’راڻل توبن رات‘ ڳايو. ان کانپوءِ هن پروگرام ’روشن تارا‘ ۾ ٻارڙن لاءِ نغمو ڳايو، تنهن بعد ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ٻارن جي پروگرام ’ٻارڙن جي دنيا‘ ۾ ڳائڻ لڳي. هن پي. ٽي. وي جي ڪجهه ڊرامن لاءِ ٽائيٽل سانگ ڳائڻ سان گڏ جيو ٽي. وي جي اردو ڊرامي ’عشق آتش‘ لاءِ ٽائيٽل سانگ بہ ڳايو.
شھنيلا علي هن وقت تائين پي. ٽي. وي کان سواءِ مختلف سنڌي چئنلن سميت ڪيترن ئي اردو چئنلن تي بہ موسيقيءَ جا پروگرام ڪري چڪي آهي. گڏوگڏ هوءَ دبئي ۾ پڻ سنڌي سنگت پاران ڪرايل پروگرامن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. هن سنڌيءَ کان سواءِ اردو، سرائيڪي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ڳايو آهي. هن شاھہ سائين، سچل سرمست، مخدوم خليق الزمان، عبدالغفار تبسم سميت ٻين ڪيترن ئي ناليوارن سنڌي توڙي اردو شاعرن جي شاعري ڳائي آهي. هن 2002ع ڌاري قلندر لعل شھباز جي ميلي تي پهريون ڀيرو ڳايو، جتي کيس ’قلندر اوارڊ‘ مليو. کيس سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ، پاڪستان اسٽيل ملز، پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر ۽ ريڊيو پاڪستان، خيرپور پاران اوارڊ مليل آهن. ان کانسواءِ ٻيا بہ ڪيترائي اوارڊ ماڻي چڪي آهي. سندس آواز ۾ ڳايل ڪلامن جا ڪيترائي البم رليز ٿي چڪا آهن.
1982.09.01 عيسوي
سنڌ جي مشهور گلوڪاره/ فنڪاره، شهنيلا علي ڌيءَ علي بخش سمون جو جنم پهرين سيپٽمبر 1982ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو،